Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي، يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ اوهان مدني قاعدي جي جنهن به حرف يا لفظ تي ڪلڪ ڪندا ته آڊيو (Audio) ۾ ان جو تلفظ هلندو. اهڙي طرح هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سِکي سگھجي ٿي. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي ختم ڪرڻ کان پهريان هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام جي ذهنن ۾ پلجندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: صفر يا ربيع الاول ۾ ڪم ڪرڻ کي نقصانڪار ۽ منحوس سمجهڻ غلط ۽ بي بنياد آهي.
وضاحت: ڪجهه ماڻهو صفر يا ربيع الاول ۾ ڪم ڪرڻ يا تعميرات ڪرائڻ وغيره کي نقصانڪار ۽ منحوس سمجهندا آهن، پر ياد رکو...!! صفر، ربيع الاول يا ڪنهن به ٻئي مهيني ۾ تعميرات (Construction) يا ٻيو ڪو به جائز ڪم ڪري سگھجي ٿو، شرعاً ان جي ڪا به ممانعت نه آهي، ۽ ڪنهن جو انهن مهينن ۾ ڪم ڪرڻ کي نقصانڪار ۽ منحوس سمجهڻ غلط ۽ بي بنياد آهي. اهڙي سوچ جاھليت جي زماني ۾ رکي ويندي هئي، جنهن کان اسلام منع ڪيو آهي. اللہ پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .