Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
یہ سیدھا راستہ حق کا بتانے آئے ہیں یہ حق کے بندوں کو حق سے مِلانے آئے ہیں
یہ بھولے بچھڑوں کو رستے پہ لانے آئے ہیں یہ بھولے بھٹکوں کو ہادی بنانے آئے ہیں
خدائے پاک کے جلوے دکھانے آئے ہیں دِلوں کو نُور کے بقعے بنانے آئے ہیں([1])
وڌيڪ ارشاد فرمايو ويو:
وَ یُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ وَ الْحِكْمَةَۚ (پارو: 4، آلِ عمران: 164)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندو آهي.
هن جاءِ تي ڪتاب مان مراد قرآنِ ڪريم آهي ۽ حڪمت جو هڪ مطلب سنت ۽ حديث به آهي.([2]) يعني محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ماڻهن کي اللہ پاڪ جو ڪتاب سيکارڻ، حديثون ٻڌائڻ ۽ پنهنجي سنت سيکارڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه فتنن جو دور آهي، ماڻهن ۾ مسلسل سستي (Laziness) وڌي رهي آهي. ڪجهه ماڻهن کي قرآن ڪريم سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي، اها سٺي ڳالهه آهي پر اهي قرآن سکڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا جو سھارو وٺندا آهن، اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ جاھل آهن، انهن جون ويڊيوز ڏسي، انهن جون ڪِلپون ٻڌي قرآن ڪريم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ياد رکو! قرآن ڪريم ڪو عام ڪتاب (Ordinary Book) نه آهي، ان کي سمجهڻ ايترو آسان (Easy) نه آهي. توهان پاڻ سوچيو! قرآن اهو عظيم الشان ڪتاب آهي، جنهن کي سيکارڻ لاءِ اللہ پاڪ امامُ الانبياء صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي موڪليو. واضح ڳالهه آهي، نصاب (Syllabus) جيترو عظيم ۽ وڏي ڪلاس جو هوندو