Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
ميلاد شريف جي برڪت سان شِفا ملي وئي
حضرت ميان غلام حيدر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بلوچستان جا هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، انهن جو هڪ مريد (Devotee) هو، جنهن جو نالو جمعو هو. هُو ڍاڍر شهر جو رهاڪُو هو، کيس علماءِ ڪرام جا لکيل ميلاد ناما پڙهڻ جو تمام گھڻو شوق هو. هڪ دفعي حضرت ميان غلام حيدر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪنهن ڪم سان ڍاڍر شهر تشريف کڻي آيا، سندن مريد ساڻس ملڻ لاءِ حاضر ٿيا، پر جمعو نه آيو. ميان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇا ڪئي ته کين خبر پئي ته هو گذريل ڏيڍ سال کان بيمار آهي ۽ سندس پير سڪي ويا آهن، هو گهمي ڦِري نه ٿو سگھي. ميان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کيس سَڏائي ورتو ۽ فرمايائون: اڄ رات ميلاد نامو پڙهو! اللہ پاڪ خير فرمائيندو. مريد پير جي حڪم تي لَبَّیْک چيو ۽ سڄي رات پوري يقين سان ميلاد شريف پڙهندو رهيو. اللہ پاڪ مٿس ڪرم فرمايو، صبح جو جڏهن هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته لَٺِ جي سھاري پاڻ ئي اٿي بيٺو. ميلاد شريف پڙهڻ جي برڪت سان کيس شفا ملي وئي ۽ هو پاڻ پنھنجن پيرن تي هلندو گھر پهتو.
جس وقت کوئی مَرحَلہ دُشوار آگیا اُس وقت کام سیِّدِ ابرار آگیا
برسِیں گھٹائیں رحمتوں کی جھوم جھوم کر رحمت سراپا جب مِرا سردار آگیا ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو ميلادِ پاڪ آهي، هر گھر سينگاريو! گهٽيون به سينگاريو! خوب ڌُومُون مچايو! الحمد للہ! عام طور عاشقانِ رسول جي تقريباً هر مسجد ۾ محفلِ ميلاد