Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
ميلاد جي محفل ٿي ويندي، ان جي صدقي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سڄو سال گھر ۾ برڪت رهندي.
جشنِ ولادت ملهائڻ جا 12 مدني گُلَ
عظيم عاشقِ ميلاد، شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه فرمائن ٿا:
(1): جشنِ ولادت جي خوشي ۾ مسجدن، گھرن، دڪانن، سوارين ۽ پنهنجي محلي ۾ مدني پرچم لھرايو ٭ خوب چراغان ڪريو ٭ پنهنجي گھر تي گھٽ ۾ گھٽ 12 بلب ته ضرور روشن ڪريو ٭ ربيع الاول شريف جي ٻارهين رات ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اجتماعِ ميلاد ۾ شرڪت ڪريو ٭ ۽ صبح صادق جي وقت سبز سبز مدني پرچم کڻي، درود ۽ سلام پڙهندي، اکين ۾ ڳوڙها آڻي صبحِ بہاران جو استقبال (Welcome) ڪيو ٭ 12 ربيع الاول شريف جي ڏينهن جيڪڏهن ممڪن هجي ته روزو رکو، جو پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سُومَر (Monday) جي ڏينهن روزو رکي پنهنجو يومِ ولادت ملهائيندا هئا. ([1])
(2): ڪعبة الله شريف جي نقشي (Model) ۾ مَعَاذَ اللہ ڪٿي ڪٿي گُڏِين جو طواف ڏيکاريو ويندو آهي، اهو گناهه آهي. زمانهءِ جاھليت ۾ ڪعبي شريف ۾ 360 بت رکيل هئا، اسان جي پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فتحِ مڪه کان پوءِ ڪعبه مشرفه کي بتن کان پاڪ ڪيو، تنهنڪري نقشي ۾ به بت (گڏيون) نه هجڻ گهرجن، ان جي جاءِ تي پلاسٽڪ جا گل رکي سگھجن ٿا. (طوافِ ڪعبه جي منظر واري تصوير، جنهن ۾ چهرو واضح نظر نه اچي رهيو هجي، ان کي مسجد يا گھر ۾ لڳائڻ جائز آهي، پر جيڪا تصوير زمين تي رکي اُٿي بيهي ڏسڻ سان چهرو واضح نظر اچي ته اهڙي تصوير لڳائڻ ناجائز ۽ گناهه آهي.)