Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
ڪُشائي لاءِ روانا ٿيا، باغ ۾ تشريف فرما ٿيا فَدَعَا بِالْبَرَکَۃِ ڪتلن جي ڍير وٽ تشريف آڻي برڪت جي دُعا فرمائي ۽ حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ کي فرمايائون: اي جابِر! قرضدارن کي سڏايو ۽ قرض جي ادائيگي ۾ ڪتلون ڏيڻ شروع ڪريو...!!
هي فرمائي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم واپس تشريف وٺي آيا، حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ ڪتلن جي ورهاست شروع ڪئي، بظاهر ڪتلون گھٽ هيون، قرض وڌيڪ هو پر باعِثِ برڪت نبي، رسولِ هاشمي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي دُعا جي برڪت سان انهن ئي ٿورڙين ڪتلن سان سڄو قرض ادا ٿي ويو بلڪ ڪافي ڪتلون بچي به ويون.[1]
قسمت میں لاکھ پیچ ہوں، سو بل، ہزار کج یہ ساری گتھی اِک تری سیدھی نظر کی ہے
وضاحت: قسمت ۾ جيتوڻيڪ مشڪلاتون، پريشانيون، مصيبتون هجن پر اي پيارا محبوب! اي منهنجا مشڪل ڪُشا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! توهان جي هڪ نظرِ عِنايت سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا آهن.
قرض جي ادائيگي کان پوءِ حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيا، نمازِ مغرب اتي ئي ادا ڪيائون. هاڻي هتي ڏسو! صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو اِيمان ۽ رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تي يقين ڪيترو پختو هو، بخاري شريف جا لفظ آهن، حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جڏهن هي ماجرو حضرت ابوبڪر صِدِّيق ۽ فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنْهُمَا کي ٻڌايو ته انهن ٻنهي حضرات ڏاڍو ايمان افروز جواب ڏنو، فرمايائون: اي جابِر! جڏهن رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تشريف وٺي ويا هئا ته اسان کي ان ئي وقت پتو پئجي ويو هو ته هاڻي جابِر جو سڄي جو سڄو قرض لهي ويندو.[2]
اللهُ اَڪۡبَر! هي آهي صحابه جو ايمان...!! اڃا معجزي جو ظُهور ٿيو ناهي، بس پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پنهنجي پياري صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْه جي مشڪل جي حل