Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

الله ۽ رسول تي اهڙو ڪامِل يقين رکندا هئا جو جنهن جو مثال نٿو ملي. مثال طور غزوهءِ بدر کي ڏسو! غزوهءِ بدر ۾ صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو تعداد 313 هو، ڪافر 1000 کان به وڌيڪ هئا صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان وٽ هٿيار به گھٽ هئا، ڪافرن وٽ هٿيار به گھڻا هئا صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان وٽ کائڻ پيئڻ جي به کوٽِ هئي، ڪافر 10، 10 اُٺ هڪ وقت ۾ ذبح ڪرري رهيا هئا، هاڻي اهڙي حالت ۾ مُنافقن چيو:

غَرّھۤؤُ لَآءِ دِیْنُہُمْ

 (سيپارو: 10، سورت انفال: 49)

ترجموڪنزُ العرفان: هي مسلمان پنهنجي دين تي مغرور آهن.

 يعني هڪ طرف ايڏو وڏو لشڪر، ٻئي طرف صِرف 313 مسلمان...!! اهي پوءِ به پاڻ کان ٽي ڀيرا وڏي لشڪر سان جنگ ڪرڻ وڃي رهيا آهن، انهن کي انهن جي دِين ڌوڪي ۾ وجھي ڇڏيو آهي، اهي هن جنگ ۾ فتح حاصل نه ڪري سگهندا.

هي آهي منافقن جي بي يقيني...!! الله پاڪ فتح جو واعدو فرمائي چڪو هو پر منافق بي ايمان هئا، انهن بدبختن کي الله ڪريم جي واعدي تي به يقين نه آيو، ٻئي طرف صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو يقين ڏسو! جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم هڪ مقام تي بيهي صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سان مشورو فرمايو ته صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان وڏي يقين ۽ پختي ايمان سان عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا آخري نبي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! (ميدانِ بدر ته هي رهيو) توهان فرمايو ته اسان سمنڊ ۾ به لهڻ لاءِ تيار آهيون.[1]

سُبْحٰنَ الله! هي آهي ڪامِل ايمان ...!! ڪنهن شاعِر ڇا خوب چيو آهي:

تھے ان کے پاس دو گھوڑے، چھ زرہیں، آٹھ شمشیریں

پلٹنے آئے تھے یہ لوگ دُنیا بھر کی تقدیریں


 

 



[1]...شرح الزرقانی ،باب غزوۃ بدر الکبریٰ ،جلد:2 ،صفحہ: 268 ۔