Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
نہ تیغ و تیر پر تکیہ، نہ خنجر پر نہ بھالے پر
بھروسا تھا تو اِک سادی سی کالی چادر والے پر
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جو قرض ڪيئن لٿو...؟
حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ صحابيءِ رسول آهن، سندن والدِ محترم جي وفات ٿي ته انهن تي ڪافي قرض هو، هاڻي قرضدارن حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ کان مطالبو ڪيو، حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جو هڪ کَجين جو باغ هو، ايتري آمدني هئي ئي نه جو قرض لاهي سگھجي. هوڏانهن قرضدارَ مطالبو ڪري رهيا هئا.[1]
(اللهُ اَڪبَر! صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو شان ئي نرالو آهي، هاڻي ڏسو! مشڪل ڪُشائي جي تعلق سان صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو عقيدو ڇا هو) حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ تي مشڪل آئي، بُخاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي: حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ مشڪل ڪُشا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي خِدْمتِ بابرڪت ۾ حاضِر ٿي ويا.[2] (معلوم ٿيو صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان اهو ئي مڃيندا هئا ته)
مشکل جو سَر پہ آ پڑی، تیرے ہی نام سے ٹلی مشکل کُشَا ہے تیرا نام تم پر درود اور سلام
خير! بخاري شريف ۾ آهي: حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، پنهنجي مشڪل عرض ڪيائون، بيڪسن جي مددگار، سرڪارِ عالي وقار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: جابِر! باغ جون ڪَتلون پَٽيو، انهن کي گڏ ڪري ڍير لڳايو، پوءِ مون کي ٻڌائجو. حضرت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْهُ باغ ۾ ويا، ڪَتلون پَٽي ڍير لڳايائون ۽ بارگاهِ رسالت ۾ حاضر ٿي ويا، عرض ڪيائون: جانِ ايمان صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! ڪَتلن جو ڍير لڳي چڪو آهي. ٻنهي جهانن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پنهنجي عاشِق جي مشڪل