Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
انسان توهان وانگر اِيمان آڻيندو، مون کي (يعني الله پاڪ کي)، منهنجن رسولن کي، منهنجن ڪتابن کي اهڙيءَ طرح مڃيندو، جهڙيءَ طرح توهان مڃيو آهي، تڏهن اهو هدايت تي آهي ۽ جيڪڏهن سڀ ڪجھ مڃي پر توهان وانگر نه مڃي ته گمراهه جو گمراهه ئي رهندو.[1]
قرآن کی تفسیر صحابہ کے عقائد ایمان کی تنویر صحابہ کے عقائد
واللہ! انہیں رہبرِ کونین سمجھئے عرفان کی تاثِیر صحابہ کے عقائد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ڪجھ ماڻهو چئي رهيا هوندا آهن: اسان ڪجھ به ناهيون، نه اسان سُنّي، نه ڪجھ ٻيو، نه اسان يزيد ڏانهن، نه امام حُسَين رَضِيَ اللهُ عَنْهُ ڏانهن، اسان ته صرف مسلمان آهيون. ياد رکو! هي ڳالھ جنهن سوچ ۽ جنهن نظريي تحت چئي ويندي آهي، اها سوچ ٺيڪ ناهي. اسان کي بڻجڻو ته يقيناً مسلمان ئي آهي پر مسلمان بڻجڻ ۾ صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي نقشِ قدم تي به رهڻو آهي، ڏسو! مُنَافقن کان اهوئي مطالبو ٿيو:
اٰمِنُوْا کَمَاۤ اٰمَنَ النَّاسُ
يعني اي مُنَافقو...!! توهان جو صرف اٰمَنَّا (اسان ايمان آندو) چوڻ ڪافي ناهي، اِيمان اهڙو قبول ڪيو! جهڙو صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو اِيمان آهي، اهڙو اِيمان قبول ڪندا ته مقبول ٿيندو، نه ته هرگز قبول نه ڪيو ويندو.
وڏي مشهور حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: بني اسرائيل 72 فرقن ۾ ورهائجي ويا هئا، منهنجي اُمّت 73 فرقن ۾ ورهائجي ويندي، انهن مان هڪ جنّتي آهي، باقي سڀ جهنّم ۾ ويندا. پڇيو ويو: يا رسولَ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! اهو جيڪو هڪ جنّتي هوندو، اهي ڪير آهن؟ فرمايائون: مَا اَنَا عَلَيْهِ وَ اَصْحَابِي يعني اهو گروه جنّتي هوندو جيڪو منهنجي ۽ منهنجن صحابه جي رستي تي هلندو.[2]