Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
بارش نه وسي، ڏڪار ٿي ويو، ان موقعي تي هڪ صحابي حضرت بلال بن حارث مُزْني رَضِيَ اللهُ عَنْهُ پياري آقا، رسولِ خُدا، اَحْمدِ مجتبيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي مزارِ پُراَنْوار تي حاضِر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! توهان جي اُمّت هلاڪ ٿي رهي آهي، ان لاءِ بارش جي دُعا فرمايو!
اللہ! اللہ!
فریاد اُمَّتی جو کرے حالِ زار میں ممکن نہیں کہ خیرِ بشر کو خبر نہ ہو([1])
صحابئ رسول رَضِيَ اللهُ عَنْهُ بارگاهِ رسالت ۾ عرضي پيش ڪئي هئي، جيئن ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم انهن جي خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: عمرِ فاروق (رَضِيَ اللهُ عَنْهُ) کي منهنجو سلام چئجو! ۽ اهو به چئجو ته بارش ٿيندي.[2]
اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں خوابوں میں آ رہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں
اي عاشقانِ رسول! هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو اهو باڪمال اِيْمان جنهن کي قيامت تائين لاءِ مِعْيار قرار ڏنو ويو، ان مبارڪ اِيْمان ۾ هڪ عقيدو هي به شامِل هو، جنهن جي وڏي خوبصُورت ترجماني اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪئي آهي، لکن ٿا:
تُو زِندہ ہے وَاللہ! تُو زِندہ ہے وَاللہ! مرے چشمِ عالَم سے چُھپ جانے والے ([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جون ايمان افروز ادائون
پيارا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو اِيْمان جيڪو اسان لاءِ مِعْيار آهي، ان ۾ ٻيا به گھڻا اهي عقيدا شامِل آهن، جن تي اڄ به اَلحَمۡدُلله!