Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
وَ اِذَا قِیْلَ لَہُمْ اٰمِنُوْا کَمَاۤ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْۤا اَنُؤْمِنُ کَمَاۤ اٰمَنَ السُّفَہَآءُ ؕ اَلَاۤ اِنَّہُمْ ھُمُ السُّفَہَآءُ وَ لٰکِنْ لَّا یَعْلَمُوْنَ (۱۳)
(سيپارو: 1، سورة بقره:13)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ته ايمان آڻيو جهڙي طرح ٻين ايمان آندو ته چون ٿا: ڇا اسان بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ ٻڌو! بيشڪ اهي ئي ماڻهو بيوقوف آهن پر اهي ڄاڻن نٿا.
ان مان معلوم ٿيو؛ * مُنَافق مَردُود آهن، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي گستاخي ڪرڻ انهن جي بُرين عادتن ۾ شامِل هو * اهو به معلوم ٿيو ته اِيْمان 2 آهن؛ (1): هڪ آهي مُنَافقن وارو اِيْمان، هي مَرْدُود آهي، الله پاڪ وٽ قطعاً يقيناً مقبول ناهي (2): ۽ هڪ آهي صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان وارو اِيْمان، هي اِيْمان صِرْف مقبول ئي ناهي بلڪ ايترو پسنديده آهي جو الله پاڪ هن ئي باڪمال اِيْمان کي قيامت تائين لاءِ مِعْيار قرار ڏنو آهي * ان ڪري اسان کي گهرجي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي پنهنجي اِيْمان جو مِعْيار بڻايون * جهڙو اِيْمان صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو هو، ان جو فيضان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون * جيڪي عقيدا صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جا هئا، هميشه صِرْف و صِرْف اهي ئي عقيدا اپنايون، جيڪڏهن ائين ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنّت جا حقدار قرار پائينداسين. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
قرآن کی تفسیر صحابہ کے عقائد ایمان کی تنویر صحابہ کے عقائد
واللہ! انہیں رہبرِ کونین سمجھئے! عرفان کی تاثیر صحابہ کے عقائد
ملتی ہے ہمیں جن کے تَصَدُّق سے ہدایت ارمان کی تصویر صحابہ کے عقائد
اسلام جنہیں کہتا ہے سرچشمۂ رحمت ہیں کتنے ہمہ گیر صحابہ کے عقائد
عقبیٰ کے ہر اِک رنج و مصیبت کا مداوا دُنیا میں ہیں اِکْسیر صحابہ کے عقائد
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد