Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
نٿا شرمائين (4): ۽ هڪ وڏو عيب هي ته انهن جي دل ۾ ايمان ناهي، جڏهن انهن کي مقبول ماڻهن وانگر دل سان ايمان قبول ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته ايمان قبول ڪرڻ جي بجاءِ اُبتو نيڪ ماڻهن جون برايون ڪرڻ لڳندا آهن. هي منافقن جا ڪجھ عيب آهن جيڪي هتي بيان ٿيا آهن، اچو! آيتِ ڪريمه ٻڌون ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون.
الله پاڪ ارشاد فرمايو:
وَ اِذَا قِیْلَ لَہُمْ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي.
ڇا چيو وڃي...؟
اٰمِنُوْا
ترجمو ڪنزُ العرفان: ايمان آڻيو
ڪهڙو اِيْمان...؟
کَمَاۤ اٰمَنَ النَّاسُ
ترجمو ڪنزُ العرفان: جهڙي طرح ٻين ماڻهن ايمان آندو.
صحابئ رسول، سلطانُ الْمُفَسِّرِيْن حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هتي اَلنَّاس مان مراد صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم.[1] يعني مُنَافقن کي چيو ويندو آهي: اي منافقو! توهان چئو ٿا ته اسان ايمان آندو پر توهان جو هي اِيمان مقبول ناهي، مَردُود آهي * ايمان اهڙو قبول ڪيو جهڙو صِدِّيقِ اڪبر قبول ڪيو * ايمان اهڙو قبول ڪيو جهڙو فاروقِ اعظم قبول ڪيو * اهڙو ايمان آڻيو جهڙو عثمانِ غني، مولا علي ايمان آندو * جيڪڏهن واقعي سچّا پڪّا ايماندار بڻجڻ چاهيو ٿا ته صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جهڙو اِيْمان قبول ڪيو...!!