Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

خطا ٿي ته هن ندامت جي جوش ۾ پاڻ کي ٿنڀي سان ٻَڌي ڇڏيائون، 7 ڏينهن تائين اتي ئي ٻڌل رهيا، انهن جو عهد هو ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم  صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم خُود پنهنجن مبارڪ هٿن سان کوليندا ته ٺيڪ، نه ته هتي ئي ٻڌل رهندس. آخرڪار پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تشريف فرما ٿيا ۽ پنهنجن رحمت ڀرين هٿن سان انهن جون ڳَنڍيون کوليون.

سُبْحٰنَ الله! هي آهي اِيْمانِ صحابه...!! معلوم ٿيو؛ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان   هي پختو ايمان ۽ يقين رکندا هئا ته اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم گُنَهگارن جي شفاعت فرمائڻ وارا آهن، اهوئي اهو دَر آهي جتي اچي گُنَاهن جي آلودگي کان پاڪيزگي نصيب ٿئي ٿي. اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇا خُوب چيو آهي:

چور حاکِم سے چُھپا کرتے ہیں یاں اس کے خلاف              تیرے دامن میں چُھپے چور انوکھا تیرا([1])

مُجرم سڏيا ويا آهن...!!

 اهوئي اهو عقيدو آهي، جنهن جو بيان قرآنِ ڪريم ۾ به موجود آهي: پارو:5، سورة نِسَآء، آيت: 64 ۾ آهي:

وَ لَوْ اَنَّہُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَہُمْ جَآءُوْکَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰہَ وَ اسْتَغْفَرَ لَہُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا  رَّحِیْمًا (۶۴)

(پارہ:5 ، سورۀ نساء:64)

ترجموڪنزُ العرفان: ۽ جيڪڏهن اُهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبه قبول ڪرڻ وارو، مهربان لهن ها

مجرم بلائے آئے ہیں جَاءُوْکَ ہے گواہ                                             پھر رَدّ ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے([2])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:16۔

[2]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:205۔