Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

هي آهي اِيمان جو مِعْيار...!! صرف ايمان قبول ڪرڻ ڪافي ناهي، جنّت جو حقدار اهو هوندو، جيڪو صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي طريقي تي ايمان قبول ڪندو.

قرآن کی تفسیر صحابہ کے عقائد                                                                                       ایمان کی تنویر صحابہ کے عقائد

واللہ! انہیں رہبرِ  کونین سمجھئے                                                                                               عرفان کی تاثِیر صحابہ کے عقائد

صحابه ۽ مُنَافقين جي ايمان ۾ فرق

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ ارشاد فرمايو:

وَ  اِذَا قِیْلَ لَہُمْ اٰمِنُوْا کَمَاۤ اٰمَنَ النَّاسُ 

(سيپارو: 1، سوره بقره: 13)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ته ايمان آڻيو جهڙي طرح ٻين ايمان آندو.

 هن آيتِ ڪريمه ۾ 2 قسمن جي ايمان جو ذِڪر ڪيو ويو آهي، هڪ ايمان اهو آهي جنهن کي رَدّ (Reject) ڪيو ويو، ٻيو ايمان اهو آهي جنهن کي نه صِرف قبول ڪيو ويو پر قيامت تائين لاءِ مِعيار بڻايو ويو، رَدّ ٿيڻ وارو ايمان منافقن جو آهي ۽ مقبول بلڪ مِعيار بڻجڻ وارو اِيمان صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو آهي، هاڻي ڏسڻو هي آهي ته صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ۽ منافقن جي اِيمان ۾ فرق ڇا آهي؟ مڃيندا صحابه به هئا ۽ مڃڻ جي دعوا منافق به ڪندا هئا، سمجهڻ جي ڳالھ هيءَ آهي ته صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ڇا مڃيندا هئا ۽ منافق ڇا مڃيندا هئا؟

قرآنِ ڪريم ۾ ۽ بيشُمار احاديثِ ڪريمه ۾ هن فرق کي ڏاڍو واضِح ڪري بيان ڪيو ويو آهي. اچو! موقعي جي مناسبت سان صِرف ڪجھ فرقَ ٻڌون:

فرق: 1، صحابه جو يقين، منافقن جي بي يقيني

پهريون ۽ بنيادي فرق ته اهوئي آهي ته مُنَافقن کي الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صلّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تي بلڪل يقين نه هو ۽ صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان...!! اهي