Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّة اِلَّا بِاللہ...!! انهن بدبختن جي جرئت ڏسو! الله ۽ رسول جي گستاخين کي کل ڀوڳ چون ٿا. (اَسْتَغْفِرُ اللہ...)

خير! هن آيتِ ڪريمه ۽ ان جي شانِ نزول مان مَعْلُوم ٿيو؛ هي مُنَافقن جو مردُود اِيْمان هو، اهي سمجھندا هئا ته الله پاڪ جو خزانو مَحْدُود (محدود) آهي، اهو پنهنجي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي غيب جو عِلْم به نٿو ڏئي سگهي (مَعَاذَ الله!). هاڻي ان جي برخِلاف صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو مَقْبُول اِيْمان بلڪ اهو اعليٰ ترين اِيْمان ڏسو! جنهن کي رهندي دُنيا تائين لاءِ مِعْيار قرار ڏنو ويو آهي.

جيڪو ٿي چڪو آهي، جيڪو ٿيندو، حُضُور ڄاڻن ٿا

بخاري شريف ۾ آهي: مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم  رَضِيَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم اسان جي وچ ۾ بيٺا ۽ مخلوق جي پيدائش کان وٺي اَهلِ جنّت جي جنّت ۾ ۽ اَهلِ جهنّم جي جهنّم ۾ پهچڻ تائين سڀ ڪجھ بيان فرمايائون.[1] اللهُ اَکْبَر! هي آهي اِيْمانِ صحابه رَضِيَ اللهُ عَنْهُم...!! هي اهو عقيدو، اهو باڪمال اِيْمان آهي جنهن کي قيامت تائين ايندڙن لاءِ مِعْيار قرار ڏنو ويو، ان مان معلوم ٿيو ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو هي پختو عقيدو هو ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم لاءِ غيب جا خزانا کولي ڇڏيا آهن، جيڪو ٿي چڪو آهي ۽ جيڪو قيامت تائين ٿيندو، ان سڀ جو عِلْم رَبِّ ڪائنات پنهنجي محبوبِ ذي وقار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي عطا فرمائي ڇڏيو آهي.

(4)  تُون زِنده آهين وَاللہ! تُون زِنده آهين وَ اللہ...!!

مُصَنَّف اِبْنِ اَبِي شَيْبه ۾ حديثِ پاڪ آهي، مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جو دورِ خِلافت هو، هڪ ڀيري ڪيترن ڏينهن تائين


 

 



[1]...بخاری،کتاب بدء الخلق ،باب ما جاء فی قول اللہ تعالیٰ…الخ،صفحہ:818 ،حدیث:3192۔