Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

لاءِ تشريف وٺي ويا آهن، حضرت ابوبڪر و عمر رَضِيَ اللهُ عَنْهُمَا کي ايترو پختو يقين هو جو ڄاڻي ويا: هاڻي حُضُور صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تشريف وٺي ويا آهن ته دُنيا جي ڪا به طاقت جابِر رَضِيَ اللهُ عَنْه جو قرض لهڻ ۾ رُڪاوٽ نه بڻجي سگهندي. ڄڻ ته انهن حضراتِ عالي وقار جو هي عقيدو هو ته:

کام جو اُن سے ہوا پُورا ہوا                                                                                           اُن کی جو تدبیر ہے، تقدیر ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو اِيمان...!! اسان جو اِيمان اهو ئي مقبول ٿيندو، جڏهن اسان صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جهڙو ايمان قبول ڪنداسين، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته اسان الله پاڪ تي، ان جي پياري محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تي، الله ۽ رسول جي ارشادن تي اهڙو ئي پختو يقين رکون، جهڙو پختو يقين صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان رکندا هئا.

 (2): صحابهءِ ڪرام ۽ شفاعتِ مصطفيٰ تي يقين

قرآنِ ڪريم ۾ هڪ سُورت آهي: سُوره مُنَافِقُون. هن مبارڪ سُورت ۾ به منافقن جون ڪارستانيون بيان ٿيل آهن، سُورت مُنَافِقُون ۾ الله پاڪ منافقن جو هڪ عيب هي به بيان فرمايو آهي ته

وَ  اِذَا  قِیْلَ  لَہُمْ  تَعَالَوْا

(سيپارو: 28، سوره منافقون:5)

ترجمو ڪنزُ العرفان: جڏهن انهن کي چيو وڃي ته اچو

ڪاڏي اچو...؟ بارگاهِ رسالت ۾. ڇو اچو...؟ ته جيئن

یَسْتَغْفِرْ لَکُمْ رَسُوْلُ  اللّٰہِ

(سيپارو: 28، سوره منافقون:5)

ترجمو ڪنزُلايمان: الله جا رسول توهان جي لاءِ معافي چاهين.

 بيشڪ گُنَاهن جي مُعافي الله پاڪ جي ئي بارگاھ مان ملندي آهي پر ملندي آهي شفاعتِ مصطفيٰ (صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم) سان، مُنَافقن کي چيو ويندو آهي: اي مُنَافقو! اچو! اسان جي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي دامنِ رحمت