Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
عاشقانِ رسول قائِم آهن ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت تائين قائِم ئي رهندا. مثلاً * صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي مشڪل ڪُشا مڃيندا هئا، انهن کي جڏهن به ڪا مشڪل پيش ايندي هئي، بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيندا هئا، جنگ دوران هڪ صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جي ٻانهن ڪٽجي وئي، اهو بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيو، مالِڪ و مختار نبي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ان جي ٻانهن جوڙي ڇڏي[1] * هڪ صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جي اک جو دوڏو نڪري ويو، اهو پنهنجي اک جو دوڏو کڻي بارگاهِ رسالت ۾ حاضِر ٿيو، سرڪارِ ذي وقار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ان جي اک درست فرمائي ڇڏي [2] * اهڙيءَ طرح صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي باعِثِ خير و برڪت مڃيندا هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم وُضو فرمائيندا هئا ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان وُضو جو پاڻي وٺڻ لاءِ ڊوڙندا هئا، ان کي هٿن تي وٺندا هئا، چهري تي مليندا هئا[3] * حضرت اُمِّ سلمہ رَضِيَ اللهُ عَنْهَا وٽ پياري آقا، رسولِ خدا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو مُوءِ مبارڪ (يعني وار مبارڪ) هو، مديني پاڪ ۾ جڏهن ڪو بيمار ٿي ويندو هو، پيالي ۾ پاڻي وٺي انهن جي خِدْمت ۾ حاضِر ٿيندو هو، حضرت اُمِّ سلمہ رَضِيَ اللهُ عَنْهَا مُوئي مُبَارڪ ان پيالي ۾ وجھندي هئي، پوءِ ڪڍي وٺندي هئي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان هي پاڻي پيئندا هئا ۽ شِفا حاصل ڪندا هئا[4] * اهڙيءَ طرح صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان رسولِ خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي مالِڪ و مختار به مڃيندا هئا، مالِڪِ جنّت به تسليم ڪندا هئا، ان ڪري ئي ته پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان جنّت جو سُوال ڪندا هئا.
خير! ڪلام جو خلاصو هي آهي ته الله پاڪ فرمايو: