Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
وضاحت: قرآن پاڪ جو حڪم ته ”اي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! جڏهن اهي پاڻ تي ظلم ڪري ويهن ته توهان جي در تي حاضِر ٿين“ هي حڪم گواهه آهي ته مُجْرِم توهان جي در تي خُود نه آيا آهن، انهن کي سڏيو ويو آهي، ان جي باوجود مُجْرِم کي نامُراد موٽايو وڃي، اَهلِ ڪرم جي هي شان ناهي، تنهنڪري جيڪو به مُجْرِم هن دَر تي اچي وڃي، مَن جي مُراد ماڻي وٺي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
:(3) عقيده صحابه؛ عِلْمِ غيبِ مصطفيٰ
پيارا اسلامي ڀائرو! مُنافقن جي مَرْدُوْد اِيْمان جو هڪ ٻيو مِثال ٻڌو! پارو:10، سورة توبه، آيت: 65 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
لَا یَجِدُوْا فِیْۤ اَنْفُسِہِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَیْتَ وَ یُسَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا (۶۵)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اي محبوب جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته چوندا ته اسان ته رڳو کل ڀوڳ ۾ هئاسين.
هي آيتِ ڪريمه غزوه تبوڪ جي موقعي تي نازِل ٿي، تفسيرِ طبري جيڪا تفسير جي ڪتابن ۾ سڀ کان معتبر تفسير آهي، ان ۾ آهي: امام مجاهد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: غزوه تبوڪ جي موقعي تي ڪنهن شخص جي ڏاچي گم ٿي وئي، ان جي ڳولھا جاري هئي، ان تي غيبن کان خبردار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم غيب جي خبر ڏيندي فرمايو: ڏاچي فلاڻي جاءِ تي آهي.
هي ٻڌي هڪ مُنَافق بدبخت چيو: مُحَمَّد (صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم) چون ٿا ته فلاڻي جي ڏاچي فلاڻي جاءِ تي آهي، ڀلا مُحَمَّد (صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم) کي غيب جو عِلْم ڪٿان آيو؟ [1] ان موقعي تي هي آيتِ ڪريمه نازِل ٿي ۽ ٻڌايو ويو ته اي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته توهان اهڙي ڳالھ ڇو ڪئي ته اهي چوندا اسان ته بس رڳو کل ڀوڳ ۾ هئاسين.