Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
مدني قاعده (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي وڃي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻن کي به ترغيب ڏياريندا.
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:
مسئلو: سجدي ۾ ويندي ۽ سجدي مان اٿندي وقت ڪپڙا سنڀالڻ مڪروه تحريمي آهي.
وضاحت: هي به عوام ۾ پائي ويندڙ هڪ عام غلطي آهي. عام طور تي ماڻهو سجدي ۾ ويندي يا سجدي مان اٿندي وقت شلوار مٿي ڇِڪيندا آهن يا قميص جو پَلاند مٿي کڻندا آهن، ائين ڪرڻ مڪروه تحريمي يعني ناجائز ۽ گناهه آهي ۽ اهڙي صورت ۾ نماز ٻيهر پڙهڻ واجب آهي. بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته لَانَکُفَّ ثَوْبًا اسان ڪپڙا نه سنڀاليون يعني اسان ڪپڙا