Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
نمایاں ہے اسلام کے گلستاں میں ہر اک گل پہ رنگ ِ بہارِ صحابہ
*-*-*-*
ہر صحابئ نبی! جنّتی! جنّتی! سب صحابیات بھی جنّتی! جنّتی!
چار یارانِ نبی! جنّتی! جنّتی! والدَینِ نبی! جنّتی! جنّتی!
ہر زوجۂ نبی! جنّتی! جنّتی!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هي هڪ آيتِ ڪريمه جيڪا اسان ٻڌڻ جي سَعَادت حاصل ڪئي، ان مان اسان کي ڪجھ سبق سکڻ لاءِ مليا؛
پهريون سبق هي مِليو ته صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جون گستاخيون ڪرڻ مُنَافقن جو ڪم آهي، اَهلِ اِيمان ڪڏهن به اهڙي جرئت نٿا ڪري سگهن، ٻيو سبق هي مِليو ته قيامت تائين ايندڙ سڀني اَهلِ اسلام لاءِ صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان مِعيار (Standard) آهن. اِيمان اهو مقبول هوندو، جيڪو اِيمانِ صحابه جهڙو هوندو، ۽ اهو اِيمان جيڪو اِيمانِ صحابه کان مختلف هجي، اهڙو اِيمان مقبول ناهي، مَرْدُود (رد ٿيل) آهي. الله پاڪ هڪ ٻئي مقام تي فرمايو:
فَاِنْ اٰمَنُوْا بِمِثْلِ مَاۤ اٰمَنْتُمْ بِهٖ فَقَدِ اهْتَدَوْا ۚوَ اِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّمَا هُمْ فِیْ شِقَاقٍ
(سيپارو: 1، سوره بقره: 137)
ترجموڪنزُالعرفان: پوءِ جيڪڏهن اهي ايئن ئي ايمان آڻن جيئن اوهان ايمان آندو آهي پوءِ ته اهي هدايت ماڻي ويا ۽ جيڪڏهن منهن موڙن ته اهي صرف مخالفت ۾ پيل آهن.
يعني اي منهنجي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا صحابه! توهان سڀني جنّن ۽ اِنسانن جي ايمان جي ڪسوٽي آهيو، قيامت تائين جيڪو به جنّ يا ڪو