Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid
هاڻي ڏسو! هڪ آهي مُنَافقن جو اهو ڪلمو پڙهڻ جنهن سبب اهي جنّت جا حقدار بڻجڻ جي بجاءِ، اُبتو جهنّم جا حقدار ٿي ويا ۽ ٻيو آهي هي ايمان جنهن جو انهن کان مطالبو ٿي رهيو آهي، انهن کي گهرجي ها ته فوراً هن نصيحت کي قبول ڪن ها پر اهي بدبخت هئا:
قَالُوْۤا اَنُؤْمِنُ کَمَاۤ اٰمَنَ السُّفَہَآءُ ؕ
ترجموڪنزُ العرفان: ته چون ٿا: ڇا اسان بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟
اللهُ اَڪۡبَر! انهن بدبختن جي جرئت ڏسو! اهي صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جن سان الله پاڪ جنت جو واعدو فرمايو جيڪي الله پاڪ کان راضي، الله پاڪ انهن کان راضي اهي صِدِّيق و فاروق (رَضِيَ اللهُ عَنْهُمَا) جن کي رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پنهنجو وزير فرمايو اهي عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنْهُ جيڪي پياري محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا جنّتي رفيق آهن اهي مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جن کي سڀني مسلمانن جو مولا هئڻ جو شرف حاصل آهي، هي بدبخت منافق انهن خوش نصيب صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان لاءِ ڪهڙي زبان استعمال ڪن ٿا.
پر صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو مقام اهڙو ناهي جو هر ڪو کين برو چوي ۽ ان جو نوٽيس نه ورتو وڃي، هي صحابه آهن، الله پاڪ کي، ان جي پياري محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي ڏاڍا پيارا آهن، جڏهن منافقن اهڙا بيوقوف لفظ ڳالهايا ته الله ڪريم فرمايو:
اَلَاۤ اِنَّہُمْ ھُمُ السُّفَہَآءُ وَ لٰکِنْ لَّا یَعْلَمُوْنَ (۱۳)
(سيپارو: 1، سوره بقره: 13)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ٻڌو! بيشڪ اهي ئي بيوقوف آهن پر اهي نٿا ڄاڻن.
هي آهي شانِ صحابه...!! مُنَافق بدبخت انهن جي گستاخي ڪن ته رَبِّ ڪريم خُود انهن جي گستاخن کي جواب ڏئي ٿو:
دو عالم نہ کیوں ہو نثارِ صحابہ کہ ہے عرش منزل وقارِ صحابہ
امیں ہیں یہ قرآن و دینِ خدا کے مدارِ ہُدیٰ اعتبارِ صحابہ
خلافت، امامت، ولایت،کرامت ہر اک فضل پر اقتدارِ صحابہ