Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

Book Name:Sahaba Ke Iman Farooz Aqaid

ڏانهن وڌو، اهي رَحْمَةٌ لِّلْعٰلَمِین آهن، توهان جي شفاعت فرمائيندا، توهان لاءِ مغفرت جي دُعا فرمائيندا، ان جي برڪت سان الله پاڪ توهان جا گُنَاھ بخشي ڇڏيندو. هاڻي هي ڪيترو زبردست موقعو هو، منافق اچن ها، دامنِ مصطفيٰ ۾ پناھ وٺن ها، شفاعتِ مصطفيٰ ۾ حِصّيدار بڻجن ها، گُنَاھ بخشرائين ها ۽ جنّت جا حقدار ٿي وڃن ها پر اهي مُنَافق هئا، انهن کي جڏهن چيو ويندو هو ته اچو! بارگاھِ رسالت ۾ اچو! ته اهي ڇا ڪندا هئا:

لَوَّوْا رُءُوْسَہُمْ وَ رَاَیْتَہُمْ یَصُدُّوْنَ وَ ھُمْ مُّسْتَکْبِرُوْنَ (۵)  

(سيپارو: 28، سوره منافقون:5)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ پنهنجا مَٿا ڦيرائيندا آهن ۽ تون انهن کي ڏسندين ته اهي وڏائي ڪندي مُنهن موڙي ڇڏيندا آهن.

يعني هي بدبخت شفاعتِ مصطفيٰ کي ناهن مڃيندا، دامنِ مصطفيٰ ۾ ناهن ايندا، جڏهن انهن کي هن بارگاھِ عالي شان ڏانهن سڏيو وڃي ته پنهنجا سِر ٻئي طرف گھمائي ڇڏيندا آهب (۽ اي مسلمانو!) توهان انهن کي ڏسندا ته رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضِري کان تڪبُّر ڪندي مُنهن ڦيرائي وٺندا آهن.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي مُنَافقن جو اِيمان...!! هي مَرْدُود اِيمان آهي. هاڻي ٿورو صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي اِيْمان جو شان ڏسو! صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي هيءَ مستقل عادَت هئي ته جڏهن ڪنهن صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْهُ کان ڪا خطا ٿي ويندي هئي ته اهي ان خطا تي ضد نه ڪندا هئا، فوراً بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيندا ۽ شفاعت جو سُوال ڪندا هئا. * هڪ ڀيري هڪ صحابيه   رَضِيَ اللهُ عَنْهَا کان ڪا خطا ٿي وئي، پاڻ بارگاهِ رسالت ۾ حاضِر ٿيون، عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! طَهِّرْنِي يعني اي الله جا رسول صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! مون کي پاڪ ڪري ڇڏيو![2] هڪ صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْهُ کان ڪا


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان،پارہ:28 ،سورۂ منافقون،زیرِ آیت:5 ،جلد:10 ،صفحہ:165  ماخوذًا۔

[2]...تفسیرِ خازن ،پارہ:9 ،سورۂ انفال،زیرِ آیت:27،جلد:2،صفحہ:305 خلاصۃً۔