Book Name:Munafqon Ke Do Aib
تباھ ۽ برباد ٿي ويا. ان ڪري اسان کي گهرجي ته حسد کان هميشه بچندا رهون. الله پاڪ جنهن کي جيڪو عطا فرمايو آهي، ان جي ورهاست آهي، اسان کي گهرجي ته اسان الله پاڪ جي ورهاست تي هميشه راضي رهون.
ڪنهن جي ديني يا دنياوي نعمت جي زوال (يعني ان جي کسجي وڃڻ) جي تمنا ڪرڻ يا هيءَ خواهش ڪرڻ ته فلاڻي شخص کي هيءَ نعمت نه ملي، ان جو نالو حسد آهي. [1]
*ڪنهن کي مالي طور تي خوشحال ڏسي اندر اندر ۾ سڙڻ ۽ هيءَ تمنا ڪرڻ ته ان وٽ چوري يا ڦُر ٿي وڃي يا ان جي دڪان يا گهر ۾ باھ لڳي وڃي ۽ اهو رپئي رپئي جو محتاج ٿي وڃي *ڪنهن کي اعليٰ ديني يا دنياوي منصب ۽ مرتبي کي ڏسي ڪري سڙڻ ۽ هيءَ تمنا ڪرڻ ته ان کان هي مرتبو ۽ مقام کسجي وڃي، *هيءَ خواهش رکڻ ته فلاڻو غريب ئي رهي ڪڏهن به امير نه ٿئي فلاڻي کي ڪڏهن ڪا عزت ۽ مرتبو نه ملي اهو هميشه ذلت جي چڪيءَ ۾ پِيسجندو رهي، هي سڀ حسد جا مثال آهن.
اي عاشقانِ رسول! حسد شيطاني ڪم آهي. سڀ کان پهريون گناھ حسد ئي هو ۽ هي شيطان ڪيو هو. جيئن ته امام جلالُ الدّين سُيوطي شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: الله پاڪ جي پهرين نافرماني جنهن باطني بيماري جي ڪري ڪئي وئي اهو حسد آهي، شيطان حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان حسد ڪيو، انهيءَ حسد جي سبب ان حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ الله پاڪ جي نافرماني ڪري هميشه جي لاءِ مردود ٿي ويو.[2]
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْحَسَدُ یُفْسِدُ الْاِیْمَانَ کَمَا یُفْسِدُ الصِّبْرُ الْعَسَلَ يعني حسد ايمان کي