Book Name:Munafqon Ke Do Aib
هيءَ حسد جي بيماري هئي، جنهن منافقن جي دل کي ايمان قبول ڪرڻ کان روڪيو ۽ ايمان کان محروم رهي ڪري جهنم جا حقدار بڻجي ويا.
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالھ نهايت اهم ۽ سمجهڻ جي آهي، منافق پياري آقا، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ شوڪت ڏسي ڪري، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذڪر جي بلندي ڏسي ڪري، اسلام جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي ڪري سڙندا هئا، غمگين ٿيندا هئا، الله پاڪ فرمايو:
فَزَادَھُمُ اللّٰہُ مَرَضًا ۚ
(سيپارو: سورت بقره: 10)
ترجموڪنزُالعرفان: پوءِ الله انهن جي بيماري ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو.
يعني الله پاڪ انهن جو غم اڃان وڌائي ڇڏيو، اهي جيترو سڙندا هئا، الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر اڃان بُلند فرمائيندو هو، اهي اسلام جي ڪاميابي کان سڙندا هئا، الله پاڪ اسلام کي وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائيندو آهي، مطلب ته: اهي جنهن شيءِ کان سڙندا هئا، اهي اڃان انهن جي سامهون اينديون هيون ۽ انهن جي ساڙ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو ويندو هو.
هڪ ڀيري ڪنهن غزوه جو موقعو هو، منافقن جي سردار عبدُ الله بن اُبَيۡ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نهايت سخت گستاخي ڪئي ۽ چيائين:
لَئِنْ رَّجَعْنَاۤ اِلَی الْمَدِیْنَۃِ لَیُخْرِجَنَّ الْاَعَزُّ مِنْہَا الْاَذَلَّ
(سيپارو: 28، سورت منافقون: 8)
ترجموڪنزُالعرفان: جيڪڏهن اسان مديني جي طرف موٽي وياسين ته ضرور جيڪو وڏي عزت وارو آهي اهو ان مان نهايت ذلت واري کي ڪڍي ڇڏيندو.
هن بدبخت جي مُراد هيءَ هئي ته اسان عزت وارا آهيون ۽ مسلمان معاذَ الله! عزت وارا ناهن، تنهنڪري اسان مسلمانن کي مديني پاڪ مان ڪڍي ڇڏينداسين.