Book Name:Munafqon Ke Do Aib
شخص جي هڪ ڄاڙي ۾ وجهي ان کي ڪنڌَ تائين چيري ڇڏيندو هو، پوءِ زنبور ڪڍي ٻيءَ ڄاڙي ۾ وجهي ان کي چيريندو هو، (ايتري ۾) پهرين واري ڄاڙي وري پنهنجي اصلي حالت تي موٽي ايندي هئي. مون (پاڻ سان گڏ) آڻڻ واري شخص کان پڇيو: هي ڇا آهي؟ ان چيو: هي ڪوڙو شخص آهي، هن کي قيامت تائين قبر ۾ اهو ئي عذاب ڏنو ويندو رهندو. [1]
ہائے نافرمانیاں بدکاریاں بے باکیاں آہ! نامے میں گُناہوں کی بڑی بھرمار ہے
زِندگی کی شام ڈَھلتی جارہی ہے ہائے نَفْس! گرم روز و شَب گناہوں کا ہی بس بازار ہے
الله پاڪ اسان کي ڪوڙ کان، حسد کان، شڪَ جي بيماري کان بلڪه منافقن واري هر ڪم، هر هر عيب کان نجات عطا فرمائي، ڪاش! اسان سچا پڪا، باڪردار، بااخلاق مسلمان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، هن سلسلي ۾ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ ڪجھ عرصو پهريان موبائل ايپلي ڪيشن بنام فيضانِ حديث جي نالي سان لانچ ڪئي هئي. هاڻي ان ۾ وڌيڪ 2 ڪتاب ۽ بهترين فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن جي ذريعي *مطالعي جي دوران اهم ڳالھ تحرير ڪرڻ جي سهولت *مطالعي جي يڪسوئي جي لاءِ Resume جي سهولت ڏني وئي آهي *روزانو هڪ حديث کان دلين کي منور ڪيو *حديث، ترجمو ۽ تشريح ۾ سرچنگ جو آپشن ۽ گهڻو ڪجھ شامل ڪيو ويو آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به حديثِ پاڪ جو فيضان