Book Name:Munafqon Ke Do Aib
فِیْ قُلُوْبِہِمْ مَّرَضٌ ۙ
(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)
ترجمو ڪنزُ العرفان: انهن جي دلين ۾ بيماري آهي.
انهن جو ٻيو عيب هي ٻڌايو ويو ته هي بدبخت ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، الله پاڪ فرمايو:
وَ لَہُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌۢ ۬ۙ بِمَا کَانُوْا یَکْذِبُوْنَ (۱۰)
(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ انهن جي لاءِ انهن جي ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب دردناڪ عذاب آهي.
هن مان معلوم ٿيو: ڪوڙ ڳالهائڻ تمام وڏو جُرم آهي جو ان جي سبب آخرت ۾ دردناڪ عذاب ٿي سگهي ٿو.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪوڙ جي معنيٰ آهي: سچ جو ابتڙ. ڪوڙ ڳالهائڻ منافقن جو عمل آهي پر افسول! اڄڪلھ ڪوڙ نهايت عام ٿيندو پيو وڃي. *تاجر سودو وڪڻڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا بلڪه ڪوڙو قسم تائين کڻندا آهن *پنهنجي واھ واھ جي شوق ۾ ڪوڙا خواب بڻائي ڪري ٻڌايا ويندا آهن *والدين ٻارن کي مڃائڻ جي لاءِ دِلاسا ڏيندا آهن *اسڪول، آفيس يا دڪان وغيره کان موڪل وٺڻ جي لاءِ ڪوڙا بهانا به ڪيا ويندا آهن *ڪنهن جو قرض موٽائڻو هجي ته ان کان به ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙا بهانا ڪيا ويندا آهن *ڪوڙ ڳالهائي ڪري ٽاريو ويندو آهي *ڪوڙا واعدا به ڪيا ويندا آهن *پوءِ سوشل ميڊيا: ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي.
مطلب ته: ڪوڙ اسان جي معاشري ۾ تمام عام ٿيندو پيو وڃي ماڻهو ٿوري ٿوري ڳالھ تي ڄاڻي واڻي يا ڪڏهن بي خيالي ۾ ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا آهن. چڱا ڀلا پڙهيل لکيل به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. الله پاڪ اسان کي ان آفت کان محفوظ فرمائي.