Munafqon Ke Do Aib

Book Name:Munafqon Ke Do Aib

هيءَ ڳالھ ان بدبخت سفر دوران چئي، جڏهن اهو مديني پاڪ موٽي آيو ته خود ان جي پٽ حضرت عبدُ الله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪي نهايت ئي سچا پڪا مسلمان ۽ عاشقِ رسول هئا، انهن پنهنجي والد عبدُ الله بن اُبَيۡ کي مديني پاڪ کان ٻاهر ئي روڪي ڇڏيو، تلوار مياڻ مان ڪڍي  فرمايائون: جيستائين اهو اقرار نه ٿو ڪرين ته تون ذليل آهين ۽ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نهايت عزت وارا آهن، ان وقت تائين توکي مديني پاڪ ۾ داخل ئي نه ٿيڻ ڏيندُس. آخر ان  منافق چيو: مان ذليل آهيان، محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم عزت وارا آهن. تڏهن وڃي اهو مديني پاڪ ۾ داخل ٿي سگهيو.[1]

هي آهي منافق جو حسد، ساڙ ۽ هي آهي ان حسد ساڙ ۾ اضافو...!! ان بدبخت پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي گستاخي ڪئي، الله پاڪ ان جي ئي گهر مان، ان جي پٽ جي هٿان ان کي ذليل ۽ رسوا ڪري ڇڏيو. مطلب ته: هي منافقن جي لاءِ نهايت ذلت ڀري سزا هئي، جيڪا ان جي حسد جي سبب دنيا ۾ ئي انهن کي ڏني وئي.

هن مان اسان کي هيءَ ڳالھ سکڻ جي لاءِ ملي ته هر اهو ڪم جيڪو شرعاً بلڪل جائز هجي ۽ ان سان اسلام جي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجسم     صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ شوڪت جو اظهار ٿيندو هجي ته اسان کي اهو ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي، ڪنهن کي بُرو لڳندو هجي ته لڳندو رهي، ڪافر، منافق ان ڪم کي ڏسي ڪري، رسول ذيشان، مڪي  مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ عظمت کان سَڙندا آهن ته سڙندا ئي رهن، اسان کي گهرجي ته اسلام جو، اسلام جي بانيءَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو چرچو ڌوم ڌام سان ڪندا رهون. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

حسد نهايت ئي بُري بيماري آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هتان هيءَ ڳالھ به معلوم ٿي وئي ته حسد نهايت ئي بُري بيماري آهي، حسد جي سبب ئي منافق ذليل ۽ رسوا ٿيا، انهيءَ سان انهن جون دليون ايمان جي نور کان محرون رهيون ۽ هي دنيا ۽ آخرت ۾


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:28، سورۂ منافقون، زیرِ آیت:8، جلد:10، صفحہ:168 خُلاصۃً۔