Munafqon Ke Do Aib

Book Name:Munafqon Ke Do Aib

بهرحال! هيءَ بي يقيني جون ڪيفيتون ڪٿي نه ڪٿي اسان جي معاشري ۾ موجود هونديون آهن، ان کان جان ڇڏائڻ گهرجي، بي يقيني جو شڪار نه ٿيون پنهنجي خطا تي نظر ڪيون، الله پاڪ جي عطا ۾ گهٽتائي نٿي ٿي سگهي، ها! منهنجي گهرڻ ۾ نقص ٿي سگهي ٿو، الله ۽ رسول جا ارشادَ بلڪل حق، سچ آهن، انهن ۾ ذري برابر هيٺ مٿي ناهي، ها! مون وظيفو پڙهيو، نتيجو نه نڪتو، ضرور منهنجي پڙهڻ ۾ ڪَمي هوندي. اهڙيءَ طرح پنهنجي اندر يقين کي مضبوط ڪيون.

ڪامل يقين جون برڪتون

*يقين ڪامل هجي ته الله پاڪ نمرود جي ڀڙڪايل باھ کي به گلزار بڻائي ڇڏيندو آهي *يقين پختو هجي ته دريائن ۾ به رستا نڪري پوندا آهن *يقين ڪامل هجي ته رستي جون رڪاوٽون ئي منزل جو نشان بڻجي وينديون آهن *يقين ڪامل هجي ته مُشڪل مُشڪل ناهي رهندي *امام اِبنِ ابي دُنيا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ  عَلَیْهِ السَّلَام ڪٿي تشريف وٺي ويا، سندن حوّاري (يعني پاڻ تي ايمان آڻڻ وارا) کين ڳولڻ لڳا، آخر ڪار ماڻهو سمنڊ جي ويجهو آيا ته ڏٺائون: حضرت عيسيٰ  عَلَیْهِ السَّلَام پاڻيءَ تي هلندي تشريف وٺي اچي رهيا آهن، هي ڏسي ڪري هڪ حوّاري عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَیْهِ السَّلَام! ڇا مان به هن طرح پاڻيءَ تي هلي سگهان ٿو؟ فرمايائون: ڇونه، بلڪل هلي سگهو ٿا. پوءِ فرمايائون: جيڪڏهن اِبنِ آدم کي جَوَ جي داڻي برابر به يقين ملي وڃي ته اهو پاڻي تي هلي سگهي ٿو.[1]

پنهنجو يقين مضبوط رکو!

  اي عاشقانِ رسول! اسان کي گهرجي ته پنهنجو يقين هر حال ۾ مضبوط رکون، ڪڏهن به يقين کي ڪمزور نه ٿيڻ ڏيون، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَااَخَافُ عَلٰی اُمَّتِی اِلّا ضُعْفَ الْیَقِیْنِ


 

 



[1]... موسوعۃ الامام ابن ِ ابی الدنیا،کتاب الیقین،جلد:1 ،صفحہ:25  ملتقطًا۔