Munafqon Ke Do Aib

Book Name:Munafqon Ke Do Aib

مرض سمجهي، طبيب وٽ ادب سان حاضر ٿئي، طبيب جيڪو علاج ٻڌائي ان تي عمل ڪري پر هي منافق نهايت ئي بدبخت آهن، انهن جون دليون بيمار آهن پر هي پنهنجي دل جو علاج ڪرڻ جي بدران ابتي راھ هلندا آهن، الله پاڪ جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي دلين جا طبيب آهن   *انهن کان ئي بغض رکندا آهن *انهن کان حسد ڪندا آهن *انهن جي ڳالھ ناهن مڃيندا *ابتو انهن کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهندا آهن، جڏهن انهن جون دليون ايتري حد تائين بيمار آهن جو انهن کي هيءَ سزا ملي ته الله پاڪ انهن جي بيماري کي اڃان وڌائي ڇڏيو ۽ هي گمراهي جي کڏي ۾ ڪرندا ئي ويا.

الله پاڪ وڌيڪ فرمايو:

وَ لَہُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌۢ  ۬ۙ بِمَا کَانُوْا یَکْذِبُوْنَ (۱۰)

(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ انهن جي لاءِ انهن جي ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب دردناڪ عذاب آهي.

هي منافقن جو ٻيو عيب ۽ ان جي سزا آهي، هي بدبخت چون ٿا: اسان ايمان آندو پر حقيقت هيءَ آهي انهن ايمان قبول ناهي ڪيو، چون ٿا ته اسان پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سچو رسول مڃون ٿا پر حقيقت هي آهي ته هي بدبخت آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سچو نبي تسليم نه ٿا ڪن. انهن بدبختن ايڏي وڏي جُرئت ڪئي، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ ڪوڙ ڳالهايو، انهن بدبختن جي اهڙي جرئت جي سزا هيءَ آهي ته قيامت جي ڏينهن انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. الله پاڪ اسان کي قبر جي عذاب، محشر جي حساب ۽ جهنم جي عذاب کان محفوظ فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

آيت مان ملڻ وارا ٻه سبق

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ ڪجھ ڳالهيون آهن جيڪي سنجيدگي سان سمجهڻ ۽ سبق حاصل ڪرڻ جون آهن: سڀ کان پهريان ته هي سمجهو ته الله جيڪو فرمايو: