Book Name:Munafqon Ke Do Aib
يعني مونکي پنهنجي امت تي صرف يقين جي ڪمزوري جو خوف آهي.[1] هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: هن امت کان پهريان ماڻهو يقين ۽ زُهد جي برڪت سان نجات ماڻي ويا ۽ بعد ۾ اچڻ وارا بخل (يعني ڪنجوسي) ۽ ڊگهي اميدن جي سبب هلاڪ ٿي ويا.[2]
معلوم ٿيو: بي يقيني جي سبب پيدا ٿيڻ واري ڪنجوسي هلاڪت جو سبب آهي، ان ڪري اهڙي بي يقيني کان هر دم بچو! ڊاڪٽر اقبال چيو هو:
غُلامی میں نہ کام آتی ہیں شمشیریں، نہ تدبیریں جو ہو ذوقِ یقیں پیدا تو کٹ جاتی ہیں زنجیریں
الله پاڪ اسان کي ڪامل يقين جي دولت نصيب فرمائي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
فِیْ قُلُوْبِہِمْ مَّرَضٌ ۙ
(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)
ترجمو ڪنزُ العرفان: انهن جي دلين ۾ بيماري آهي.
هيءَ ڪهڙي باطني بيماري هئي، ان جي متعلق ڪجھ مُفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: ان مان مُراد حسد آهي.[3] منافق حسد جو شڪار هئا، اهي رسولِ ڪريم نورِ مُجسم جي شان ۽ شوڪت، اسلام جي ترقي، فتح و نصرت کان سڙندا هئا، غمگين ٿيندا هئا. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائيندو آهي:
اِنْ تَمْسَسْکُمْ حَسَنَۃٌ تَسُؤْھُمْ ۫ وَ اِنْ تُصِبْکُمْ سَیِّئَۃٌ یَّفْرَحُوْا بِہَا ؕ
(سيپارو: 4، سورت عمران: 120)
ترجموڪنزُ العرفان: جيڪڏهن توهان کي ڪا ڀلائي پهچي ته انهن کي بُرو لڳندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا برائي پهچي ته ان تي خوش ٿيندا آهن.