Book Name:Munafqon Ke Do Aib
(2) مان پنهنجي ساٿين کان حسد ڪندو هيس (3): مان سال ۾ هڪ ڀيرو هڪ گلاس شراب پيئندو هُيس.[1]
حسد، وعدہ خِلافی، جھوٹ، چُغلی، غیبت و تہمت مجھے ان سب گناہوں سے ہو نفرت یارسولَ اللہ!
مِرے اَخلاق اچھے ہوں مرے سب کام اچھے ہوں بنا دو مجھ کو تم پابندِ سنّت یارسولَاللہ!([2])
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان حسد ڪيتري قدر هلاڪ ڪندڙ بيماري آهي، يقين ڪيو! حسد جا صرف نقصانَ ئي نقصان آهن: *حسد الله ۽ رسول جي ناراضگي جو سبب آهي *حسد جي سبب ايمان کسجي وڃڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي *حسد نيڪين کي کائي ويندو آهي *حسد ۾ مبتلا ٿي ڪري ماڻهو وڌيڪ ڪيئي گناھن مثال طور بغض، ڪينو، ڪوڙ، چغلي، غيبت، بدگماني ۽ قطعِ رحمي وغيره ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي *حسد ڪرڻ واري جون دعائون قبول ناهن ٿينديون *حسد ڪرڻ وارو رحمت کان محروم ٿي ويندو آهي *حسد ذلت ۽ رسوائي جو سبب آهي *حسد جي سبب عقل ۾ بگاڙ اچي ويندو آهي *۽ هڪ نهايت ئي نقصان هي ته حسد ڪرڻ واري کي بنا حساب جي جهنم ۾ وڌو ويندو.
الله پاڪ اسان کي حسد ۽ ٻين باطني بيمارين کان محفوظ رکي. حسد کان بچون، الله پاڪ جنهن کي جيڪو عطا فرمايو آهي، هي ان جي ورهاست آهي ان جي ورهاست تي راضي رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪيئي پريشانين، غمن ۽ ڏکن کان نجات ملي ويندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي منافقن جو پهريون عيب آهي ته