Book Name:Munafqon Ke Do Aib
اهڙيءَ طرح بگاڙي ڇڏيندو آهي، جيئن اَيلو ماکيءَ کي بگاڙي ڇڏيندو آهي.[1]
اَيلو هڪ ڪَڙي وڻ جي ڄميل رسُ کي چوندا آهن، ماکي تمام مٺي هوندي آهي ۽ ايلو نهايت ئي ڪڙو هوندو آهي، تمام مٺو ۽ تمام ڪَڙو جڏهن ملندا آهن ته نهايت ئي بدمزا ٿي ويندا آهن. يعني ايمان تمام مٺو آهي، حسد تمام ڪڙو آهي، جڏهن مومن جي دل ۾ حسد اچي ويندو آهي ته ايمان کي بگاڙي ڇڏيندو آهي ۽ نهايت ئي بدمزا بڻائي ڇڏيندو آهي.[2]
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: لَایَجْتَمِعُ فِیْ جَوْفِ عَبْدٍ مُؤْمِنٍ اَ لْاِیْمَانُ وَالْحَسَدُ يعني مومن جي دل ۾ ايمان ۽ حسد جمع ناهن ٿيندا.
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ مان اشارو ملي رهيو آهي ته جنهن جي دل ۾ حسد هجي، ڪا بعيد ناهي ته حسد ان جي بري خاتمي جو سبب بڻجي وڃي.
امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ شاگرد هو، جڏهن ان جو آخري وقت آيو ته پاڻ ان سان ملڻ جي لاءِ تشريف وٺي ويا ۽ ان جي ويجهو ويهي ڪري سورت يٰس شريف پڙهڻ لڳا، اهو شاگر چوڻ لڳو: هي پڙهڻ بند ڪيو!
پوءِ پاڻ پنهنجي شاگرد کي ڪلمو پڙهڻ جي تلقين فرمائي ته اهو چوڻ لڳو: مان هرگز هي ڪلمو نه پڙهندُس، مان هن کان بيزار آهيان، بَس انهيءَ لفظن تي ان جو موت ٿي ويو. حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پنهنجي شاگرد جي بُري خاتمي جو تمام گهڻو صدمو ٿيو، 40 ڏينهن تائين پاڻ انهيءَ صدمي ۾ روئيندا رهيا. 40 ڏينهن کان پوءِ پاڻ هڪ ڏينهن خواب ڏٺائون ته ملائڪَ انهيءَ شاگرد کي جهنم جي طرف گِهلي وڃي رهيا آهن. پاڻ ان کان پڇيائون: تنهنجو ايمان ڇو کَسجي ويو؟ ان جواب ڏنو: منهنجي اندر 3 عيب هئا، انهيءَ سبب منهنجو هي انجام ٿيو: (1) مان چغلي هڻندو هُيس