Munafqon Ke Do Aib

Book Name:Munafqon Ke Do Aib

پهريان جون 2 آيتون (آيت: 8، ۽ 9) ۾ هي ٻڌايو ويو ته منافق زبان سان ته ڪلمو پڙهندا آهن پر دل سان ايمان قبول ناهن ڪندا، هي اهڙا بدبخت آهن جو الله پاڪ کي، ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن پر نه ٿا ڄاڻين ته الله ۽ رسول کي ته ڌوڪو ڏئي ئي نه ٿو سگهجي، حقيقت هيءَ آهي ته هي بُري انجام خود فريبي (يعني خود پنهنجو پاڻ کي ئي ڌوڪو ڏيڻ) ۾ مصروف آهن.

منافقن جا ٻه عيب

اڄ جيڪا آيتِ ڪريمه اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، ان ۾ منافقن جي 2 عيبن ۽ 2 سزائن جو بيان آهي. جيئن ته الله پاڪ ارشاد فرمايو:

فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ ۙ

(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)

ترجموڪنزُ العرفان: انهن جي دلين ۾ بيماري آهي.

هي منافقن جو پهريون عيب آهي: انهن جا هٿ، پير، اکيون وغيره جيتوڻيڪ بلڪل ٺيڪ آهن، ظاهري جسم ۾ جيتوڻيڪ ڪو عيب نه هجي، البت انهن جي دلين ۾ بيماري آهي حسد جي بيماري بغض ۽ ڪيني جي بيماري شڪ جي بيماري دنيا جي محبت جي بيماري، هنن باطني بيمارين انهن جون دليون مرده ڪري ڇڏيون ۽ هي اهو مرض آهي جيڪو سڀ کان خطرناڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪار آهي. ڪنهن شاعر ڇا ته خوب چيو آهي:

زندگی زندہ دِلی کا نام ہے          مردہ دِل کیا خاک جِیا کرتے ہیں

انسان جي سڄي انسانيت، ڪنهن به شخص جو سڄو حسن ان جي دل جي پاڪيزگي تي آهي، جيڪڏهن دل بيمار آهي، دل ۾ حسد، بغض، ڪينو، تڪبر وغيره جا نانگ پالي رکيا آهن ته اهڙو شخص نهايت نقصان ۾ آهي. منافقن جي هن عيب جي سزا انهن کي هيءَ ڏني وئي جو

فَزَادَہُمُ  اللّٰہُ  مَرَضًا ۚ

(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ الله انهن جي بيماري ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو.

هيءَ انهن جي دنياوي سزا آهي، مريض جو ڪم هوندو آهي ته پاڻ کي