Book Name:Munafqon Ke Do Aib
سيپارو: 17 سورهءِ حج آيت: 30 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اجْتَنِبُوْا قَوْلَ الزُّوْرِ (ۙ۳۰)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ ڪوڙي ڳالھ کان بچو
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جنّت ۾ وٺي ويندي آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ فِسق و فجور آهي ۽ فِسق ۽ فجور (يعني گناھ) دوزخ ۾ وٺي ويندو آهي.[1] هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪوڙ گناھ جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ گناھ جهنم جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ جي ويجهو ڪذّاب (يعني تمام وڏو ڪوڙو) ٿي ويندو آهي.[2]
اللہ! ہمیں جھوٹ سے غیبت سے بچانا مولیٰ ہمیں قیدی نہ جہنّم کا بنانا
اے پیارے خدا! از پئے سلطانِ زمانہ جنَّت کے مَحَلّات میں تُو ہم کو بسانا
هڪ ڀيري الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ سوال ٿيو: جهنم ۾ وٺي ويندڙ عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: ڪوڙ ڳالهائڻ، جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته گناھ ڪندو آهي ۽ جڏهن گناھ ڪندو آهي ته ناشڪري ڪندو آهي ۽ جڏهن ناشڪري ڪندو آهي ته جهنم ۾ داخل ٿي ويندو آهي[3]
ڪوڙي جون ڄاڙيون چيريون وڃي رهيون هيون
غيبن تي خبردار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: خواب ۾ هڪ شخص مون وٽ آيو ۽ چيائين: هلو! مان ان سان گڏ هلي پيس. مون ٻه ماڻهو ڏٺا، انهن مان هڪ بيٺل هو ۽ ٻيو ويٺل هو. بيٺل شخص جي هٿ ۾ زنبور (يعني هاڪي جهڙو لوهه جو ڏنڊو) هو. هو اهو (زنبور) ويٺل