Book Name:Munafqon Ke Do Aib
وٺو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطيءَ جي نشاندهي)
مسئلو: سجدي ۾ پيرن جي 10 مان هڪ آڱر جو پيٽ (آڱر جي تَري جو اڀريل حصو) زمين تي لڳڻ فرض آهي.
وضاحت: هي مسئلو نهايت توجھ طلب آهي، ڪيئي ماڻهو هن معاملي ۾ غلطي ڪندا آهن، هيئن فرض رهجي وڃڻ جي وجھ سان سجدو ناهي ٿيندو، جڏهن سجدو ناهي ٿيندو ته نماز به ناهي ٿيندي، هيئن نمازون برباد ٿينديون آهن. چڱا ڀلا پڙهيل لکيل به ڪڏهن ڪڏهن توجھ ناهن ڪندا. تنهنڪري هن مسئلي کي پوري توجھ سان سمجهي به وٺندا! ۽ پوري ڌيان سان سجدو ڪرڻ جي عادت بڻائيندا! سڀ کان پهريان هي ياد رکندا! ته سجدي ۾ پيرن جي آڱر نه بلڪه آڱر جو پيٽ (آڱرين جي تَرن جو اڀريل حصو) لڳڻ ضروري آهي. پير جون آڱريون زمين تي لڳائي ڪري ٿورو دٻائينداسين ته آڱر جي پيٽ جو اندروني حصو زمين تي لڳندو، هي لڳائڻ ضروري آهي هاڻي هي ياد رکو ته پيرن جي 10 آڱرين مان هڪ آڱر جو پيٽ زمين تي لڳڻ فرض آهي.[1] جيڪڏهن هڪ به آڱر جو پيٽ زمين تي نه لڳو ته نماز نه ٿيندي هر پير جي اڪثر (يعني ٽِن ٽِن) آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳڻ واجب آهي.[2] تنهنڪري جيڪڏهن هر پير جي ٽن ٽن آڱرين جو پيٽ زمين تي نه لڳو ته نماز ٻيهر پڙهڻ واجب ٿيندي ۽ پيرن جي 10 جو 10 آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳڻ ۽ آڱرين جو رخ قبلي جي طرف هجڻ سنّت آهي[3] بهتر اهو ئي آهي ته پيرن جي 10 ئي آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳائي ڪري