Book Name:Munafqon Ke Do Aib
فِیْ قُلُوْبِہِمْ مَّرَضٌ ۙ
(سيپارو: 1، سورت بقره: 10)
ترجمو ڪنزُ العرفان: انهن جي دلين ۾ بيماري آهي.
هيءَ بيماري جيڪا منافقن جي دلين ۾ آهي، هيءَ ڪهڙي آهي؟ هن باري ۾ مُفسرينِ ڪرام مختلف وضاحتون بيان فرمايون آهن.
کوڙَ مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا ته هن آيت ۾ منافقن جي باطني بيماري جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مان مراد شڪ آهي. [1] يعني منافق شڪ ۾ مبتلا هئا، انهن کي الله پاڪ تي، ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي، الله ۽ رسول جي مبارڪ ارشادن تي ڪامل ايمان نه هو، اهي شڪَ جو شڪار رهندا هئا، انهن جي انهيءَ شڪ سبب انهن جي دلين ۾ ايمان جي شمع روشن نه ٿي، نتيجي ۾ انهن جي دلين ۾ بزدلي وڌي وئي ۽ اهي هر ميدان ۾ ناڪام ٿيندا ويا.
هيءَ هئي منافقن جي بيماري...!! اسان کي گهرجي ته اسان الله تي، ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي، انهن جي مبارڪ فرمانن تي هميشه ڪامل ايمان رکون، ڪڏهن به پنهنجي يقين کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏيون. اسان وٽ ماڻهو اڪثر ڪري بي يقيني جو شڪار ٿي ويندا آهن: *ڪو وظيفو پڙهيو، نتيجو پنهنجي مطلب مطابق نظر نه آيو ته بي يقيني جو شڪار ٿي ويا *ڪا مشڪل آئي، دعائون گهريون، نتيجو پنهنجي مرضي جي مطابق نظر نه آيو ته بي يقيني جو شڪار ٿي ويا *بلڪه حد ته هيءَ آهي جو اسان وٽ ماڻهو نماز جي وقت 10 کان 15 منٽ جي لاءِ دڪان بند ڪرڻ گوارا ناهن ڪندا، دل ۾ کُٽڪو هوندو آهي ته دڪان بند ٿي ويو ته رزق ڪٿان ايندو. اَلْاَمان وَالْحَفِیْظ...!! رزق دڪان مان ناهي ايندو، رزق الله پاڪ عطا فرمائيندو آهي.