Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
تي به مُهر لڳي چڪي آهي، جيڪي هاڻي حق کي نه ٿا ٻڌن ۽ انهن جي اکين تي پردا آهن، تنهنڪري انهن جون اکيون حق ڏسڻ کان محروم ٿي چڪيون آهن ۽
لَہُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌ (۷)
(پارو: 1، سورة بقره: 7)
ترجموڪنزالعرفان: انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
الله پاڪ جي پناهه! الله پاڪ جي پناهه! الله پاڪ اسان کي اهڙي بدنصيبي کان محفوظ فرمائي.
ایماں پہ ربِّ رَحمت دیدے تُواستِقامت دیتا ہوں واسِطہ میں تجھ کو ترے نبی کا
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآن ڪريم جون هي ٻه آيتون ۽ انهن جي وضاحت ٻڌي. انهن ۾ اسان جي سکڻ لاءِ ٻه ڳالهيون آهن يا ائين کڻي چئجي ته الله پاڪ اسان کي پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان هدايت جو ڪتاب، قرآن ڪريم جهڙي نعمت عطا فرمائي آهي، هاڻي هن پاڪيزه ڪتاب کي پڙهي، اسان کي ان مان هدايت حاصل ڪرڻي آهي، پر ٻه نهايت بريون صفتون، نهايت خطرناڪ (هلاڪت ۾ وجهندڙ) باطني بيماريون آهن، جن جي موجودگيءَ ۾ ماڻهو هدايت قبول نه ڪري سگهندو آهي، تنهنڪري اسان کي انهن ٻن ڳالهين کان هر وقت بچڻو آهي. اهي ٻه خراب صفتون ڪهڙيون آهن؟
رب ڪريم فرمايو:
سَوَآءٌ عَلَیْہِمْ ءَاَنْذَرْتَہُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ (۶)
(پارو: 1، سورة بقره: 6)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اهي جن جي قسمت ۾ ڪفر آهي انهن جي لاءِ برابر آهي، جو اوهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو، اهي ايمان نه آڻيندا.