Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

هيءَ ڪافرن جي بُري صفت آهي ته هو ضدي آهن، هٺيلا آهن، کين سمجهائجي يا نه سمجهائجي، هو مڃڻ جي طرف نه ايندا آهن. حق واضح ٿي ويو، انتھائي حڪمت عمليءَ سان، دليلن سان، معجزا ڏيکاري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪئي وئي، پوءِ به هو ڪلمو پڙهڻ جي لاءِ تيار نه آهن. معلوم ٿيو ته هدايت قبول ڪرڻ جي لاءِ مڃڻ واري طبيعت جو هجڻ تمام ضروري آهي، جنهن پنهنجي طبيعت ئي ”مان نه مڃان“ واري بڻائي ڇڏي هجي، انڪار ڪرڻ پنهنجي فطرت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هجي، ان کي سمجهائجي، ٻڌائجي، دليل ڏجن، ڪجهه به ڪجي پر هو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هجي ته اهڙو شخص هدايت ڪيئن قبول ڪري سگهندو؟ ان ڪري هدايت جي راهه جو مسافر بڻجڻ چاهيو ٿا ته ”مڃڻ واري طبيعت“  اختيار ڪرڻي پوندي.

چنڊ ٻه ٽڪرا ٿيڻ وارو واقعو

ڏسو! ابوجهل ۽ ٻين مڪي جي ڪافرن وغيرهه کي ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾ نه سمجهايو ويو، انهن جيڪو مطالبو ڪيو، اهو پورو ڪيو ويو، تنهن هوندي به هو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا. هڪ دفعو رات جو وقت هو، مڪي مڪرمه جا وڏا وڏا ڪافر ابوجهل، مغيره ۽ عاص بن وائل وغيره حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: ”اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جيڪڏهن اوهان واقعي سچا نبي آهيو ته چنڊ کي ٻه ٽڪرا  ڪري ڏيکاريو!“ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”جيڪڏهن مان اهو ڪري ڏيکاريان ته ڇا اوهان ايمان آڻيندؤ؟“ چيائون: ها! بلڪل (اسان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي وينداسين) جنهن تي مالڪ و مختار نبي، رسولِ هاشمي   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پهريان الله پاڪ جي حضور ۾ دعا گهري، پوءِ پنهنجي مبارڪ هٿ (يعني شهادت جي آڱر شريف) سان چنڊ ڏانهن اشارو ڪيو ته چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي ويو.  

چاند دو ٹکڑے ہوا صدقے گیا                       جب اشارہ مصطَفٰے کا پاگیا

اها چنڊ جي چوڏهين رات هئي، چنڊ جو هڪ حصو حرا جبل جي هڪ پاسي ٿي ويو، ٻيو حصو جبل جي ٻئي پاسي ٿي ويو. سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ هڪ ڪافر کي مخاطب ٿي فرمائي رهيا هئا: