Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

معلوم ٿيو ته الله جي نيڪ ٻانهن جي بي ادبيءَ سان هڪدم دل تي مُهر لڳي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن الله جي ڪنهن نيڪ ٻانهي جي نگاهه پئجي وڃي ته هڪدم دل جي سڄي مَرُ ڌوپجي ويندي آهي. 

غوثِ پاڪ جي نگاهه جي برڪت

حضرت سيدنا حضور غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حج ڪري واپس اچي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ شخص بيٺل ڏٺائون، اهو چور هو ۽ چوري ڪرڻ چاهي پيو. حضور غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ويجهو پهتا ته پڇيائون: تون ڪير آهين؟ هن وراڻيو: مان فلاڻو آهيان ۽ هتي ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺو آهيان. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جيڪي سڄي دنيا کي ائين ڏسندا آهن جيئن هٿ جي تَري تي رکيل ڪا شيءِ هجي، انهن جي سامهون هي ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو، غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سمجهي ويا ته هي ڪير آهي. پاڻ فرمايائون: مان عبدالقادر آهيان، جيئن ئي هن ٻڌو ته هي غوث پاڪ آهن، فوراً سندن قدمن ۾ ڪري پيو. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪئي، الله جي وليءَ جي هڪ نگاههِ ڪرم ٿي ۽ اهو چور فوراً توبهه ڪري قطبيت جي مقام تي پهچي ويو.([1]) 

معلوم ٿيو ته وليِءِ ڪامل جي هڪ نگاهه سان ٻانهي جي دل هڪدم صاف ٿي ويندي آهي. الله پاڪ اسان کي نيڪ ماڻهن، نبين، ولين، صحابهءِ ڪرام، اهلِ بيتِ پاڪ ۽ عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جي بي ادبيءَ کان هميشه محفوظ رکي.  

محفوظ سدا رکھنا شہا! بے اَدَبوں سے                  اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے اَدَبی ہو

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ ڪافرن جي بُري صفت بيان ڪندي فرمايو: 

خَتَمَ اللّٰہُ عَلٰی قُلُوْبِہِمْ

(پارو: 1، سورة البقره: 7)

ترجمو ڪنزالعرفان: الله انهن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي.


 

 



[1]...تفریح الخاطر ،صفحہ:78 ۔