Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
ته غيب جو علم چئبو آهي. معلوم ٿيو ته اسان جا آقا ۽ مولا، غيب جون خبرون ڄاڻڻ وارا مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن جي انجام کان به باخبر آهن.
اور کوئی غیب کیا تم سے نِہاں ہو بھلا جب نہ خدا ہی چھپا تم پہ کروروں درود
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ازلي ڪافر، غير مسلم، جهڙوڪ ابوجهل، عتبه، شيبه وغيره سمجهائڻ جي باوجود به ڪلمو ڇو ڪونه پڙهندا؟ انهن جي اندر اصل ۽ بنيادي خرابي ڪهڙي آهي؟ الله پاڪ فرمايو:
خَتَمَ اللّٰہُ عَلٰی قُلُوْبِہِمْ وَ عَلٰی سَمْعِہِمْ ؕ وَ عَلٰۤی اَبْصَارِھِمْ غِشَاوَۃٌ
(پارو: 1، سورة بقره: 7)
ترجمو ڪنزالعرفان: الله انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي مُهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردو پيل آهي.
حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کَشْفُ الْمَحْجُوب شريف ۾ فرمائن ٿا: دل تي چڙهڻ واري زنگ ۽ پردي جا ٻه قسم آهن:
(1) حجابِ غين: يعني عارضي پردو (جيڪو ڪڏهن ڪڏهن گناهه ڪرڻ يا غفلت ۾ پئجي وڃڻ سبب دل تي چڙهي ويندو آهي، اهو عارضي زنگ هوندو آهي، جيڪو توبهه ڪرڻ، نيڪ عمل ڪرڻ ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ جي برڪت سان لهي ويندو آهي) (2) حجابِ رين: اهو اهڙي ڪاراڻ آهي جيئن ڪوئلو هوندو آهي. ڪپڙي کي داغ لڳي وڃي ته ڌوئڻ سان اڇو اجرو ٿي ويندو آهي، پر ڪوئلي کي جيترو به ڌوئجي، اهو اڇو نه ٿيندو آهي، بلڪل اهڙي طرح ڪجهه بدبختن جي برن عملن، خراب ڪردار ۽ مسلسل گناهه ڪندو رهڻ جي سبب انهن جي دل تي به حجابِ رين (يعني مستقل ڪاراڻ) چڙهي ويندي آهي، جيڪا ڪڏهن لهندي ئي نه آهي. ([1])
ان ڪري الله پاڪ ٻڌايو ته اهي جيڪي ازلي ڪافر آهن، ابوجهل، عتبه، شيبه وغيره آهن، انهن جي دلين تي حجابِ رين يعني پڪي ڪاراڻ چڙهيل آهي. انهن جي خراب ڪرتوتن سبب انهن جي دلين تي مُهر لڳي چڪي آهي جو هاڻي انهن جون دليون حق قبول ڪرڻ جي لائق نه رهيون آهن، انهن جي ڪنن