Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
برباد ٿي وينديون آهن، تنهنڪري قومن کي تباهيءَ کان بچائڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته انهن جي دلين جي اصلاح ڪئي وڃي، ڪارين دلين تان زنگ لاهي انهن کي چمڪندڙ ۽ روشن بڻايو وڃي.
دل تي مُهر لڳڻ جا ڪيترائي سبب آهن، مثال طور: (1): گناهن جي ڪثرت دل تي مُهر لڳڻ جو هڪ بنيادي سبب آهي. اسان جي پياري آقا، رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن انسان گناهه ڪندو آهي ته ان جي دل تي هڪ ڪارو داغ ٺهي ويندو آهي، جيڪڏهن هو توبهه ڪري وٺي ته اهو داغ مٽايو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ٻيهر گناهه ڪري ته هڪ ٻيو داغ ٺهي ويندو آهي ۽ ائين گناهه ڪندي ڪندي سڄي دل ڪاري ٿي ويندي آهي.([1]) تنهنڪري گناهن کان بچڻ بيحد ضروري آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو گناهن جي عادت دل تي مُهر لڳڻ جو سبب بڻجي وڃي ۽ اسان هدايت جي راهه کان محروم ڪيا وڃون. عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: اڳين امتن جو عذاب جسماني خسف ۽ مسخ هو (يعني اڳيون امتون نافرماني ڪنديون هيون ته انهن کي زمين ۾ دٻايو ويندو هو، انهن جا چهرا بگاڙيا ويندا هئا، ڪو ڀولڙو بڻجي ويندو هو، ڪو خنزير بڻجي ويندو هو) پر هِن امت جو عذاب روحاني خسف ۽ مسخ آهي، پهريان جسم بدليا ويندا هئا، هاڻي دليون بدليون وڃن ٿيون.([2]) الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ نُقَلِّبُ اَفْـِٕدَتَہُمْ وَ اَبْصَارَھُمْ
(پارو: 7، سورة الانعام: 110)
ترجموڪنزالايمان: ۽ اسان ڦيرائي ڇڏيندا آهيون سندن اکين کي ۽ دلين کي.
الله پاڪ جي پناهه! الله پاڪ جي پناهه! ڪيڏي نه عبرت جي ڳالهه آهي، گناهه ڪرڻ جي سبب، الله ۽ رسول جي نافرماني جي ڪري دليون بدلايون وڃن ٿيون.
الله پاڪ اسان کي اهڙي ذلت ۽ رسوائيءَ کان بچائي. ڪاش! اسان کي سچي توبهه جي توفيق ملي وڃي.