Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

وضاحت: جيڪي اعتراض ڪندا آهن، زبان درازي ڪندا آهن، جن جو مقصد ئي رڳو تنقيد آهي، مڃڻ جو ذهن ئي نه آهي، انهن کي معجزا به ڪو فائدو نه ڏيندا آهن، اهڙا ماڻهو معجزا ڏسي گمراهي ۾ اڃان وڌيڪ اڳڀرا ٿي ويندا آهن، هدايت جي طرف نه ايندا آهن. 

ان ڪري پنهنجي اندر هدايت قبول ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻي آهي، هدايت جي راهه تي هلڻو آهي ته مڃڻ واري طبيعت اختيار ڪرڻي پوندي. 

فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   تي هدايت جي راهه کُلي وئي

 ٻئي طرف جن جي مڃڻ واري طبيعت هوندي آهي، انهن تي بس حق واضح ٿيڻ جي دير هوندي آهي، اهي هدايت قبول ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندا آهن. ڏسو! حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جڏهن اڃان ڪلمو نه پڙهيو هو، اسلام جي دائري ۾ داخل نه ٿيا هئا، مشهور واقعو آهي ته پاڻ اگهاڙي تلوار کڻي نڪتا هئا، ارادو ڪيو هئائون ته اڄ محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي شهيد ڪري ڇڏيندس. (اَسْتَغْفِرُ اللہ! اَسْتَغْفِرُ اللہ!)

پر قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو، رستي ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر پهتا، قرآن ڪريم ڏٺائون، کوليائون، سورۂ طٰہٰ جون ڪجهه آيتون پڙهيائون، دل جي زمين زرخيز هئي، ابوجهل وانگر دل گند جو ڍير نه هئي، هدايت واري ڪتاب جو وسڪارو دل تي پيو ته هدايت جا چشما ظاهر ٿي پيا، اهو ئي عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪو ڪجهه دير پهريان اگهاڙي تلوار کڻي اسلام کي (مَعَاذَ اللہ!) ختم ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، هاڻي ادب سان بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، ڪنڌ جهڪايائين ۽ مصطفيٰ جي دامن سان چنبڙي هدايت جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو بڻجي ويو. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! ڪيڏو نه فرق آهي، ابوجهل چنڊ کي ٻه ٽڪرا ٿيندي ڏٺو، عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صرف ڪجهه آيتن جي تلاوت ڪئي. ابوجهل ڪلمو نه پڙهيو، عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هدايت قبول ڪئي، آخر ڇو؟ ان ڪري جو ابوجهل نه مڃڻ واري طبيعت بڻائي رکي هئي، هن هدايت


 

 



[1]...فیضان فاروق اعظم ،صفحہ:320 خلاصۃً۔