Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
قبول نه ڪئي، جڏهن ته حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو اهڙو ڪو ذهن نه هو، جيئن ئي انهن تي حق واضح ٿيو، انهن ان جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
معلوم ٿيو ته هدايت قبول ڪرڻ لاءِ مڃڻ واري طبيعت جو هجڻ ضروري آهي. ضدي نه ٿيڻ گهرجي. اسان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمان آهيون، اسان مڃڻ وارا آهيون. مسلمان جو لفظي مطلب ئي آهي سچي ڳالهه کي ڪنڌ نمائي مڃڻ وارو. تنهنڪري اسان کي هميشه صحيح ڳالهه مڃڻ ڏانهن مائل رهڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ ضدي ماڻهو به هوندا آهن، انهن کي قرآن ڪريم جون آيتون ٻڌايو، حديثون پڙهي ٻڌايو، علماءِ ڪرام جيڪي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ئي شرعي مسئلا بيان ڪندا آهن، انهن جا فرمان ٻڌايو! اهي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن. اها تمام خراب ڳالهه آهي، جڏهن الله پاڪ جي، ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڳالهه اچي وئي، شريعت جو مسئلو صحيح ذريعن کان اسان تائين پهچي ويو ته هاڻي ان کي تسليم ڪرڻ ۾ دير نه لڳائڻ گهرجي، شريعت جي معاملن کي پنهنجي انا جو مسئلو نه بڻائڻ گهرجي. عنادِ حق (يعني حق سان دشمني رکڻ) تباهه ۽ برباد ڪرڻ واري باطني بيماري آهي، اسان کي ان کان ڪوهين ڏُور رهڻ گهرجي.
ڏسو! فرعون ضد ڪيو، حق واضح ٿيڻ باوجود قبول نه ڪيائين، درياهه ۾ غرق ڪيو ويو * قومِ عاد وڏي طاقتور قوم هئي، انهن ڏانهن حضرت هود عَلَیْهِ السَّلَام کي نبي بڻائي موڪليو ويو، پر انهن ضد ڪيو، حق واضح هجڻ باوجود به قبول نه ڪيائون، انهن تي آنڌاري جو عذاب آيو، جنهن قومِ عاد جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيو. ([1]) *قومِ ثمود ڏانهن حضرت صالح عَلَیْهِ السَّلَام کي نبي بڻائي موڪليو ويو، انهن به ضد ڪيو ۽ اَڙِي ڪندا رهيا، حق کي قبول نه ڪيائون، انڪار ڪيائون، ڪفر تي قائم رهيا، گناهن جو بازار گرم ڪيائون، آخر انهن تي به قھرِ الٰهي جو چَهبُڪ وَسايو ويو، مٿاهين شديد زلزلي