Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
جو عذاب موڪليو ويو، جنهن سان هو هميشه لاءِ فنا ٿي ويا. ([1])
ماضيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي قومون گذريون آهن، جن ضد ڪيو، حق ڳالهه کي تسليم نه ڪيائون، اُهي اسان کان وڌيڪ طاقتور هئا، اسان کان وڌيڪ مالدار هئا، اسان کان وڌيڪ مضبوط هئا، پر حق سان دشمني (عنادِ حق) انهن کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ۽ اهي الله پاڪ جي غضب جو شڪار ٿي هميشه لاءِ تباهه ۽ برباد ٿي ويا. ان ڪري اسان کي ضد اختيار نه ڪرڻ گهرجي. اسان کي شرعي مسئلو ٻڌائڻ وارو اسان کان ننڍو هجي يا وڏو، اسان جو ڀاءُ هجي يا پاڙيسري، اسان جو دوست هجي يا دشمن، جيڪڏهن عاشقِ رسول آهي، واقعي صحيح مسئلو ٻڌائي رهيو آهي، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، عاشقانِ رسول عالمن کان ٻڌي، انهن کان پڇي ٻڌائي رهيو آهي، ته اسان کي گهرجي ته اسان مڃي وٺون. وياج کي منافعي جو نالو ڏيڻ، زڪوٰت کي ٽيڪس چوڻ، شادي وهانءَ وغيره ۾ بي پردگي، دُهل شرنائين وغيره کي خوشيءَ ۾ سڀ هلندو آهي چئي بند نه ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ڪو خوفِ خدا وارو اسان کي منع ڪري ته ان کي ابتو گهٽ وڌ ڳالهائڻ، کيس ٻه چار ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي ان جي دل رنجائڻ، هرگز صحيح ڳالهه نه آهي. مسلمان بي عمل ته ٿي سگهي ٿو، پر هڪ سچو مسلمان ضدي نه ٿيندو آهي، هو الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڳالهين کي دل ۽ جان سان تسليم ڪرڻ وارو هوندو آهي.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت حضرت علامه مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي بيشمار اعليٰ صفتن مان هڪ اهم صفت هي به آهي ته سندن طبيعت مڃرائڻ ڏانهن نه بلڪه مڃڻ ڏانهن مائل آهي. پاڻ هر ڇنڇر تي مدني چينل تي لائيو مدني مذاڪرو (يعني سوال جواب جو سلسلو) فرمائيندا آهن، سالن کان سندن عادت مبارڪ آهي ته مدني مذاڪري جي شروعات ۾ ئي فرمائيندا آهن ته: جيڪڏهن مون کي غلطي ڪندي ڏسو ته فوراً منهنجي اصلاح فرمايو، مون کي پنهنجي غلطي تي اجايو بحث ڪندڙ نه بلڪه شڪريي سان رجوع ڪرڻ وارو ڏسندؤ.