Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

(4) تڪبر: هيءَ سڀني کان خراب باطني بيماري آهي، ان جي ڪري ئي شيطان مردود ٿيو، تڪبر جي سبب به دل تي مُهر لڳي ويندي آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو: 

کَذٰلِکَ یَطْبَعُ اللّٰہُ  عَلٰی کُلِّ  قَلْبِ مُتَکَبِّرٍ  جَبَّارٍ (۳۵)

 (پارو: 24، سورة مؤمن: 35)

ترجموڪنزالعرفان: الله هر متڪبر سرڪش جي دل تي اهڙي طرح مهر لڳائي ڇڏيندو آهي.

عُجب و تکبُّر اور بچا  حُبِّ جاہ سے                       آئے نہ پاس تک رِیا یا ربِّ مصطَفٰے

گر تکبّر ہو دل میں ذرّہ بھر

سُن لو جنّت حرام ہوتی ہے

دل تي مهر لڳڻ جو هڪ ٻيو  اهم سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! دل تي مُهر لڳڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن (يعني الله جي ولين) جي بي ادبي به آهي. مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: گناهه ڪرڻ سان دل تي آهستي آهستي مَرُ چڙهندي رهندي آهي (مثال طور، هڪ گناهه ڪيو ته دل تي هڪ داغ لڳو، ٻيو گناهه ڪيو ته ٻيو داغ لڳو، ٽيون گناهه ڪيو دل تي ٽيون داغ لڳو ائين گناهن جي ذريعي دل تي آهستي آهستي مَرُ چڙهندي رهندي آهي) ۽ نيڪيون ڪرڻ سان دل تان آهستي آهستي مَرُ لهندي آهي (مثال طور، هڪ ڏينهن نماز پڙهي ته سرور نه ايندو، ٻئي ڏينهن پڙهي، ٽئين ڏينهن پڙهي، ماڻهو لڳاتار نماز پڙهندو رهي ته آهستي آهستي دل تان مَرُ ڌوپجي ويندي آهي ۽ پوءِ دل جي مر ڌوپجڻ بعد ٻانهي کي نماز ۾ سرور اچڻ شروع ٿي ويندو آهي مطلب ته نيڪيون آهستي آهستي دل جي مر صاف ڪنديون آهن) پر الله جي ڪنهن نيڪ ٻانهي جي بي ادبي يڪدم دل تي مُهر لڳڻ جو سبب بڻجي ويندي آهي. ڏسو! شيطان هزارين سال عبادت ڪئي هئي، هڪ لمحي جي لاءِ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  جي بي ادبي ڪيائين ته يڪدم مجرم ۽ مردود ٿي ويو، هڪدم سندس دل ڪاري ٿي وئي ۽ ان جي دل تي مُهر لڳي وئي.([1]) 


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی،پارہ:1،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:7،جلد:1،صفحہ:158 خلاصۃً۔