Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
هن وعيد کان بچڻ جي لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان گناهن کان به بچون، حسد کان به بچون، ڊگهين اميدن کان به بچون، جلد بازيءَ کان به بچون، تڪبر کان به هر دم بچندا رهون ۽ الله جي نيڪ ٻانهن جي بي ادبيءَ کان به بچندا رهون.
دل پاڪ رهي، هدايت ڏانهن مائل رهي، ان جي لاءِ نيڪيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سان دل جو زنگ دور ٿيندو آهي، الله جو ذڪر ڪرڻ سان دل جو زنگ دور ٿيندو آهي، اهڙي طرح نماز پڙهڻ سان دل جو زنگ دور ٿيندو آهي، قبرستان وڃي پنهنجي موت کي ياد ڪرڻ سان به دل جو زنگ دور ٿيندو آهي. الله پاڪ اسان کي پاڪيزه دل نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جي فيض کي عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊيپارٽمينٽ هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida) هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي، يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن به حرف يا لفظ تي ڪلڪ ڪندا ته آڊيو ۾ ان جو تلفظ هلندو. ائين هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق ڪري، صحيح مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: سجدي ۾ پير جي هڪ آڱر جو پيٽ زمين تي لڳائڻ فرض آهي، جڏهن ته هر پير جي ٽن ٽن آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳائڻ واجب آهي ۽ ڏهن ئي آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳائڻ ۽ آڱريون قبلي رخ رکڻ سنت آهي.
وضاحت: * هن مسئلي بابت عام طور تي تمام گهڻي بي توجہي ڏٺي