Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي، لائيو پروگرام آهي، سڄي دنيا ۾ ماڻهو ٻڌي رهيا آهن، ڪروڙين مريدن جا پيرِ ڪامل صاف چئي رهيا آهن: مون کان غلطي ٿئي ته مون کي ٻڌايو، مان شڪريو به ادا ڪندس ۽ پنهجي غلطي به مڃي وٺندس. الله پاڪ اسان کي به اهڙي توفيق نصيب فرمائي، ضد انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. الله ڪري ته اسان مڃڻ وارا بڻجي وڃون.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

(2): پنهنجي دل جي حفاظت ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻي ڳالهه جيڪا اسان کي سورت بقرہ جي هنن آيتن مان سکڻ لاءِ ملي اها هيءَ ته مڪي جي ڪافرن جي بري صفت بيان ڪئي وئي:

خَتَمَ اللّٰہُ عَلٰی قُلُوْبِہِمْ وَ عَلٰی سَمْعِہِمْ ؕ  وَ عَلٰۤی اَبْصَارِھِمْ غِشَاوَۃٌ ۫ وَّ لَہُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌ (۷)

(پارو: 1، سورة بقره: 7) 

ترجموڪنزالعرفان: الله انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردو پيل آهي ۽ انهن جي لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.

معلوم ٿيو دل تي مُهر لڳڻ هڪ انتھائي خطرناڪ بيماري آهي، هيءُ ئي اهو بنيادي مرض آهي، جيڪو نه ڄاڻ ڪيترين ئي قومن جي تباهيءَ جو سبب بڻجي چڪو آهي. انهيءَ ئي باطني بيماريءَ جي ڪري انسان سچ کي قبول ڪرڻ، هدايت حاصل ڪرڻ ۽ هدايت جو سرچشمو قرآن ڪريم پڙهڻ جي باوجود به سڌي رستي تي اچڻ کان محروم رهجي ويندو آهي. لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي دل جي حفاظت ڪيون، ڪڏهن به پنهنجي دل تي مُهر لڳڻ نه ڏيون، ڇو ته جنهن جي دل تي مُهر لڳي ويندي آهي، ان جي لاءِ هدايت جا دروازا بند ٿي ويندا آهن.  

ڪنهن شاعر چيو آهي: 

دِلِ مردہ دِل نہیں، اسے زِندہ کر دوبارہ                یہی اُمَّتوں کے مرضِ کُہُن کا چارہ

وضاحت: جڏهن دليون مرده ٿي وينديون آهن، دلين تي گناهن جو زنگ لڳي ويندو آهي، ڪفر جون اونداهيون ڇانئجي وينديون آهن، ته پوءِ قومون تباهه ۽