Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
وئي آهي * ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته سجدي ۾ پير زمين کان مٿي کڄيل هوندا آهن * جيڪي زمين تي پير لڳائيندا آهن، انهن مان گهڻا صرف آڱرين جون چوٽيون زمين تي لڳائيندا آهن * مسئلو تمام گهڻو ياد رکڻ وارو آهي: سجدي ۾ پيرن جي ڏهن آڱرين مان هڪ جو پيٽ زمين تي لڳائڻ فرض آهي، ٻنهي پيرن جي ٽن ٽن آڱرين جو پيٽ لڳائڻ واجب آهي ۽ 10 ئي آڱرين جو پيٽ لڳائڻ ۽ آڱرين جو رخ قبلي طرف هجڻ سنت آهي * جيڪڏهن سجدي ۾ پير زمين کان مٿي هوندا ۽ هڪ به آڱر جو پيٽ زمين تي نه لڳايو ته نماز نه ٿيندي، ٻيهر پڙهڻ فرض آهي * جيڪڏهن صرف آڱوٺو لڳايو ۽ بقايا آڱريون زمين کان مٿي رهيون ته واجب ڇڏجي ويندو، گناهه به ٿيندو ۽ نماز به ٻيهر موٽائي پڙهڻي پوندي. ([1])
الله پاڪ اسان کي نماز سکي، درست انداز سان پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
اسماء الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
يَاغَفَّارُ
جيڪو هميشه یَاغَفَّارُ جو ورد ڪندو رهندو، اهو نفس جي بُرين خواهشن کان آزادي حاصل ڪندو. ([2]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم !
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد