Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
بڑی کوششیں کیں گناہ چھوڑنے کی رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی!
جو ناراض تُو ہو گیا تو کہیں کا رہوں گا نہ تیری قسم یااِلٰہی!
مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منهاج العابدين ۾ بيان فرمايو آهي ته چار باطني بيماريون آهن، جيڪي دل کي تمام گهڻو نقصان پهچائينديون آهن: (1) حسد ڪرڻ: يعني ساڙ (Jealousy) ٻين کي مليل نعمت کي ڏسي اها تمنا ڪرڻ ته اها نعمت ان کان کسجي وڃي ۽ مون کي ملي وڃي، اهو حسد آهي. ([1]) حديث پاڪ ۾ آهي: حسد نيڪين کي ائين ختم ڪندو آهي، جيئن باهه ڪاٺين کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.([2]) امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حسد ڪرڻ واري جي دل انڌي ٿي ويندي آهي، ايسيتائين جو ان کي الله پاڪ جا احڪام به سمجهه ۾ نه ايندا آهن. ([3])
میں گناھوں سے سدا بچتا رہوں کیجئے رَحمت اے نانائے حسین
جھوٹ سے بغض و حسد سے ہم بچیں کیجئے رَحمت اے نانائے حسین
(2) طولِ عمل (ڊگهيون اميدون): مثال طور، اهو ذهن ۾ ويهاري ڇڏڻ ته مان ته اڃان 10 سال زنده رهندس، 50 سال زنده رهندس 100 سال جيئرو رهندس وغيره اها به تمام خراب بيماري آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَطَالَ عَلَیْہِمُ الْاَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوْبُہُمْ
(پارو: 27، سورة الحديد: 16)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ انهن تي ڊگهو وقت گذريو ته سندن دليون سخت ٿي ويون. .
معلوم ٿيو ته ڊگهين اميدن جي ڪري دل سخت ٿي ويندي آهي. (3) جلد بازي: ان جي ڪري به ٻانهو ڪيئي ڀيرا هدايت کان محروم رهجي ويندو آهي.