Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab

اي فلاڻا! گواهه ٿي وڃ! اي فلاڻا! تون به گواهه ٿي وڃ! روايتن ۾ آهي ته: ڪافرن کي ان تي يقين نه پئي آيو، هو بار بار پنهنجون اکيون مهٽيندا رهيا ۽ ڏسندا رهيا، چنڊ واقعي ٻه  ٽڪرا ٿي چڪو هو، آخر ٿڪجي چوڻ لڳا:  

سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ (۲)

(پارو :27، سورة قمر :2)

ترجموڪنزالعرفان: هي ته ڪو دائمي جادو آهي

انهن مان هڪ ڪافر چيو: جيڪڏهن هي واقعي جادو آهي ته توهان تي جادو ٿيو آهي، سڄي دنيا تي ته نه ٿي سگهندو، تنهنڪري جڏهن قافلا ايندا ته انهن کان پڇنداسين، پوءِ جيئن ئي مختلف هنڌن تان مسافر آيا، مڪي جي ماڻهن سڀني کان پڇيو ته سڀني چيو: ها! اسان فلاڻي رات چنڊ کي ٻن ٽڪرن ۾ ڏٺو هو. ([1]) 

الله! الله! هي ڪيڏو نه عظيم معجزو هو، ابوجهل وغيره ۽ ٻين کي هاڻي گهرجي ها ته ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي وڃن ها، پر افسوس! انهن تي بدبختي غالب هئي، هنن اهو طئي ڪري ڇڏيو  هو ته اسان کي ته مڃڻو ئي نه آهي، تنهنڪري پنهنجين اکين سان چنڊ کي ٻه ٽڪرا ٿيندو ڏسي، ٻاهران آيل مسافرن جون شاهديون ٻڌي به هنن اهو ئي چيو ته: 

سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ (۲)

(پارو :27، سورة قمر :2)

ترجمو ڪنزالعرفان: هي ته ڪو دائمي جادو آهي

اي عاشقانِ رسول! اها آهي نه مڃڻ واري طبيعت * ڪافرن چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ لاءِ چيو، چنڊ ٻه ٽڪرا ڪري ڏيکاريو ويو * پٿرن کي ڳالهرائڻ لاءِ چيو ويو، پٿرن کان ڪلمو پڙهايو ويو* وڻ هليا * جانورن سجدا ڪيا، پر جڏهن طبيعت ئي انڪار واري بڻائي وئي، پوءِ چاهي ڪجهه به ٿئي، انڪار ئي ڪرڻو آهي. جڏهن ذهن ۾ ئي اهو ويهاريو ويو آهي ته مون کي نه مڃڻو آهي ته پوءِ زمين مٿي ٿي وڃي يا آسمان هيٺ لهي اچي، ڪجهه به ڪريو، مڃڻو ئي نه آهي.  

تجھے کیا بتاؤں کے معجزہ کیا ہے                     تُو تو آگے سے بولتا ہے میاں


 

 



[1]...تفسیر خزائن العرفان ،پارہ :27،سورۂ قمر ،زیر آیت :1،صفحہ:976 خلاصۃ ً۔