Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
سَوَآءٌ عَلَیْہِمْ ءَاَنْذَرْتَہُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ (۶)
(پارو: 1، سورة بقره: 6)
ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جي لاءِ برابر آهي، جو اوهان انهن کي ڊيچاريو يا نه ڊيڄاريو، اهي ايمان نه آڻيندا.
اها هڪ طرح سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دلجوئي به آهي ۽ ان ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي غيب جو علم به ڏنو ويو آهي. دراصل اسان جا آقا ۽ مولا، رسولِ خدا، احمدِ مجتبى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن غير مسلمن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا، کين سمجهائيندا هئا، ايمان قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيندا هئا ۽ اهي نه مڃيندا هئا، ايمان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غمگين ٿي ويندا هئا. ان تي الله ڪريم اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل کي تسلي ڏيندي فرمايو: ([1])
سَوَآءٌ عَلَیْہِمْ ءَاَنْذَرْتَہُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ (۶)
(پارو: 1، سورة بقره: 6)
ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جي لاءِ برابر آهي، جو اوهان انهن کي ڊيچاريو يا نه ڊيڄاريو، اهي ايمان نه آڻيندا.
يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي سمجهائڻ ۾ ڪا ڪمي نه آهي، ڪمي انهن غير مسلمن ۾ آهي. توهان ته باڪمال آهيو، توهان جو سمجهائڻ جو انداز به باڪمال آهي، توهان ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو حق ادا ڪري ڇڏيو، پر هِي بدبخت آهن، ضِدي آهن، هٺ ڌرم آهن. توهان انهن کي سمجهايو يا نه سمجهايو، توهان انهن کي قيامت جي عذاب کان، الله پاڪ جي عذابن کان ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو، اهي هرگز ايمان قبول نه ڪندا.
هي غيب جو علم آهي. ابوجهل، عتبه، شيبه وغيره جهڙن ضدي ڪافرن جو انجام ڇا ٿيندو؟ اهي ايمان آڻي جنت جا حقدار ٿيندا يا ڪفر تي قائم رهي هميشه لاءِ جهنم جا مستحق بڻبا؟ انهن جو خاتمو ڪهڙو ٿيندو؟ الله ڪريم اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيون ۽ مستقبل ۾ ٿيڻ واري ڪنهن به ڳالهه جو معلوم ٿي وڃڻ ان کي ئي